باقراڻي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هوٽل تي ويٺل نوجوان مرڻينگ

0
381
باقراڻي ويجهو هٿياربندن

لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان) باقراڻي تعلقي جي يونيورسٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ پراڻي ڪارنهن تڪرار تان  30 ورهين جي پورهيت نوجوان ماجد علي پٽ الهڏنو سنديلو کي سندس مائٽ قدير سنديلو پسٽل جا فائر ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو

نوجوان ماجد سنديلو کي سندس وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ پهچايو

اهڙي واقعي جي اطلاع تي حد جي ٿاڻي يونيورسٽي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي جڏهن ته جوابدار  فرار ٿي ويو

 هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي زخمي نوجوان ماجد سنديلو جي ڀاءُ شاھد سنديلو چيو ته اسان جو پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن سان پراڻو ڪارنهن جو تڪرار ھو،جنهن جو فيصلو به ٿي چڪو هو اسان ڏنڊ ڏوھ به ادا ڪري ڇڏيو هو

 اڄ تاڙ ۾ ويٺل چئن هٿياربندن قدير سنديلو، تنوير سنديلو، نديم سنديلو، صغير سنديلو منهنجي ڀاءُ ماجد سنديلو جيڪو ٻني کان موٽرسائيڪل تي ڳوٺ اچي رهيو هو، کيس گوليون هڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن.

ھي به پڙھندا

ڳڙهي خيرو ڀرسان زميني تڪرار تان هڪ ڄڻو مارجي ويو