خانپورمهر: پيار پرڻو ڪندڙ نوجوان جي ڀاءُ جي گهر تي ڪاهه

0
297

خانپورمهر(ن پ ا)  پيار جي پرڻي تان مھر برادري جي ٻن ڌرين م ڇڪتاڻ تيز، ناري جي ڌر پاران ڏنڊا بردار جو پريمي نوجوان جي ڀاءُ جي گھر تي ڪاهه جي وڊيو وائرل ٿي وئي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جوابدار ٽريڪٽر وسيلي در ۽ ديوار ٽوڙين ٿا ۽ بعد ۾ اوطاق اندر داخل ٿين ٿا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪن ٿا.

بخت علي مھر جو چوڻ آهي ته اسان جي ڀاءُ جاويد ولو مهر واسڻ ناري حميرا مهر سان گھوٽڪي جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آهي، پيار جي شادي اسان جي ڀاءُ ڪئي آهي جنهن جي سزا اسان ڀوڳي رهيا آهيون.

ايس ايڇ او برڪت ڀٽي جو چوڻ آهي ته صورتحال ڪنٽرول م آھي، ناري جي ڌر جا ماڻھو پوليس پھچڻ بعد فرار ٿي ويا.’

ھي به پڙھندا

باقراڻي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هوٽل تي ويٺل نوجوان مرڻينگ