ماهر 12 سڱن واري جانور جي ڳچي ۾ ٻن سالن کان ڦاٿل ٽائرڪڍڻ ۾ ڪامياب

0
598

ڪولاراڊو(دلچسپ نيوز) ماهر 12 سڱن واري جانور جي ڳچي ۾ ٻن سالن کان ڦاٿل ٽائرڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ڪولاراڊو جي ٻيلي ۾ جولاءِ 2019 ۾ پهريون ڀيرو ڳچي ۾ ٽائر ڦاٿل 12 سڱن وارو جانور ڏٺو ويو، ماهرن کيس پڪڙڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي پر پڪڙجي نه سگهيو، جنهن بعد سندس نگراني شروع ڪئي وئي،

ٻيلي کاتي پاران مختلف هنڌن تي ڪيميرائون لڳائي سندس چرپر نوٽ ڪئي وئي، ٽائرن سبب 12 سڱو پريشان هو ۽ وڏي عذاب ۾ زندگي گذاري رهيو هو، ٻن سالن جي جدوجهد بعد نيٺ کيس بيهوشي وارو ڪارتوس هنيو ويو، بعد ۾ ٽائڙ 2 اڌ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پرٽائرن ۾ لڳل تيز ڌار واريون تارون ڪٽجي نه سگهيون جنهن  سبب جانور جا سڱ گهڙي ۽ پوءِ انهن مان ٽائر ٻاهر ڪڍيو ويو. ماهرن موجب جانور جا سڱ محفوظ آهن پر سندس ڳچي ۾ زخم آهي ڇاڪاڻ ته ٽائر وزني هو ۽ ان ۾ 4 ڪل جي لڳ ڀڳ مٽي ڄميل هئي.