ڳڙهي خيرو ڀرسان زميني تڪرار تان هڪ ڄڻو مارجي ويو

0
188
ڪراچي: ڪامران چورنگي واري علائقي ۾ گهر مان ماءُ ۽ چئن پٽن جا لاش هٿ
ڪراچي: ڪامران چورنگي واري علائقي ۾ گهر مان ماءُ ۽ چئن پٽن جا لاش هٿ

ڳڙهي خيرو(ن پ ا) ڳڙهي خيرو ڀرسان زميني تڪرار تان هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي.

ميران پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميران بليدي ۾ بليدي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ جي وٺ ڪئي.

نثار بليدي ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته مخالف ڌر جي فائرنگ ۾ دلمراد عرف مکڻو بليدي قتل ٿي ويو جڏهن ته مير حسن بليدي کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي.

ميرانپور پوليس ھڪ ڄڻي جي قتل جي تصديق ڪندي چيو ته ڳوٺ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.