سوال/سروي تيل اگهن ۾ واڌ رد: پيٽ پالڻ ڪنهن جنگ کان گهٽ ناهي، عمران ڪرسي ڇڏي، واپس چور حڪمران اچن: عوام

0
194

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي سونامي، حڪومت پيٽرول ساڍا 10 رپيا لٽر مهانگو ڪري ڇڏيو. بجلي 1 رپيو 39 پئسا في يونٽ مهانگي، گيهه جي اگهه ۾ 110 رپيا واڌ، صابڻ ۽ شيمپو به مهانگا ٿي ويا، حڪومت جي ان قدم کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر  ماڻهن چيو ته حڪومت جو اهو قدم غريب ماڻهن سان وڏو ظلم آھي، غريب ماڻھو لاءِ پيٽ پالڻ ڪنهن جنگ کان گهٽ نه آھي، تبديلي سرڪار ملڪ اندر مھانگائي جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو آھي، هاڻي عوام کي گهرجي ته هنن سياسي ليڊرن جو مڪمل بائيڪاٽ ڪن وفاقي سرڪار جي چونڊيل نمائندن کان سخت پڇاڻو ڪن، حڪومتي فيصلي کي رد ڪريون ٿا، عمران ڪرسي ڇڏي ڏئي، سان کي چور واپس کپن ٿا جيڪي مهانگائي نه ڪندا هئا. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته اهو غلط فيصلو آهي تيل وڌڻ سان هر شي، ڪرايا وڌي ويا جن وٽ موٽر سائيڪل آهن انهن بيهاري ڇڏيون، آزاد انور مهر لکيو ته نااهل حڪومت بلڪل ناڪام ٿي چڪي آهي پر افسوس آهي هن موقعي تي به پي ڊي ايم ۽ پي پي سميت سڀ جون سڀ حڪومت مخالف جماعتون خاموشي سان تماشو ڏسي رهيون آهن، گلزار ملاح لکيو ته غريب پيسجي پيو، پرويز خاصخيلي لکيو ته ڇا عدالتون پاڻمرادو ان مهانگائي تي ايڪشن نٿيون کڻي سگهن؟ گل حسن شر لکيو ته ھاڻي ماڻھو سائيڪل ھلائيندا، عبدالرحمان چانگ لکيو ته حڪومت جو اهو قدم عوام سان ظلم آھي، غريب ماڻھو لاءِ پيٽ پالڻ ڪنهن جنگ کان گهٽ نه آھي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته حڪومت جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، عبدالسلام جان لکيو ته واعدا وفا نه ڪيا حڪومت، شنڪر باغي لکيوته هن حڪومت ته عوام کي جيئري ئي ماري ڇڏيو آھي، وحيد ڄامڙو لکيو ته تبديلي سرڪار ملڪ اندر مھانگائي جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو آھي ملڪ اندر بک بدحالي بي روز گاري عروج تي پھتل آھي عوام ھاڻي روڊن تي نڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ويو آھي، امداد پنهور لکيو ته حڪمرانن کي مهانگائي جي پرواهه ناهي، غريب ماڻهن سان وڏو ظلم آهي، اي ڪيو شاهاڻي لکيو ته پاڪستان ۾ ڊالر ۽ پئٽرول جي اڏام گڏو گڏ آهي، اعجاز تيوڻو لکيو ته حڪومت ريليف ڏيڻ بجائي ڏينھون ڏينھن ھر شي جون قيمتون وڌائي رهي آهي، قادربخش جمالي لکيو ته ظلم آهي، شرف الدين ڪيريو لکيو ته پيٽرول مهانگو ٿيڻ سان هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته حڪومت کي غريبن جو احساس ناهي،، عبدالقادر گبول لکيو ته ڪجهه به ڪريون ٿيڻو ڪجهه به ناهي، ايم اسلم پلهه لکيو ته  هن حڪومت کان ته اهي چور ڀلا هئا جيڪي پاڻ ته کائن پيا پر ايتري مهانگائي ته ڪو نه پيا ڪن ، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ڪرڻ شرط هر شيءِ کي ڄڻ پر لڳي ويا آهن، غلام علي گل ٻجورو لکيو ته  غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آھي، عبدالمجيد شيخ لکيو ته ٿورا ڪنهن جا مڃون، حڪومت جا يا اپوزيشن جا جيڪي خاموش آهي ۽ عوام تماشو ڏسي رهيو آهي، آسودو مل لوهاڻو لکيو ته وفاقي سرڪار وري عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي پنهنجي نااهلي جو ثبوت ڏنو هاڻي عوام کي گهرجي ته هنن سياسي ليڊرن جو مڪمل بائيڪاٽ ڪن وفاقي سرڪار جي چونڊيل نمائندن کان سخت پڇاڻو ڪن، عرفان جروار لکيو ته ھاڻ ملڪ ۾ ٻن طبقن جا ماڻھو رھي سگھن ٿا ھڪ امير جن جون ملڪتيون جام آھن ٻيا خانه بدوش جيڪي ٻارن ٻچن سان جتي اچي اتي رھيو پون، نياز سومرو لکيو ته  روز مهانگائي وڌندي پئي وڃي، عمران خان کي ته خودڪشي ڪرڻ گھرجي، علي گل سنڌي لکيو ته هڪ ڏينهن ۾ ايترو وڏو مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو آهي، نه ڪا هڙتال نه وري ڪٿي ڪو احتجاج ٿيو، عوام جو ڇا ٿيندو؟ يعقوب کوسو لکيو ته عمران ڪرسي ڇڏي ڏئي، چورن کي وارو ڏئي، غريبن جو جيئڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، شمشاد علي گرگيز لکيو ته حڪومت کي گهرجي ته امير ماڻهن جي ملڪيتن تي ٽيڪس لڳائي، نور محمد ڪنڀر لکيو ته غريب ماڻهو ڪيڏانهن وڃن، مير منصف علي سولنگي لکيو ته مھانگائي عوامي زندگي کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي، اي قادر عباسي لکيو ته ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، هزار خان لکيو ته خدارا مهانگائي تي ڪنٽرول ڪريو، بلاول سومرو لکيو ته هر مهيني مهانگائي وڌي ٿي، محمد پريل گهوٽو لکيو ته ھر پندرهن ڏينهن پيٽرول مهانگو ڪري ملڪ ۾ هٿرادو مهانگائي وڌائي پئي وڃي حڪومت جي ان فيصلي کي رد ڪريون ٿا، مظهر علي شاهه لکيو ته عوام کي روڊن تي اچڻ گھرجي پر ڪونه نڪرندو، ڪلپنا مالهي لکيو ته عمران خان زنده آباد، سمير احمد لکيو ته اسان مطالبو ڪيون ٿا ته پيٽرول ڊيزل سستو ڪيو وڃي، اسامه سنڌي لکيو ته مهانگائي ايتري وڌي وئي جو هر ماڻھو چاهي ٿو ته اسان کي پنهنجو اڳ وارو چور حڪمران واپس ڪرائي ڏيو، حامد علي، ارشاد لاکو، جمال الدين چنا به سروي ۾ حصو ورتو سردار ايم اي لنجو لکيو ته انھي کان اڳ ۾ عمران خان جنهن کي چور قرار ڏنو ھو اھي بھتر ھيا، خالد نوتڪاڻي لکيو ته حڪومت هلائڻ هن جي وس جي ڳالهه ناهي، آدم پتافي لکيو ته عمران خان جي حڪومت کي مخالف ڌر ئ ايترو نقصان نه ڏئي سگھي آھي جيترو مهانگائي ڏنو آھي، سليم اختر لکيو ته حڪومت ڪجهه رحم ڪري، محمد جمن خاصخيلي لکيو ته ڏهاڙيدار مزدور پريشان آهن، ممتاز سميجو لکيو ته اهڙي قدم سان بدامني به وڌي ويندي، فيضان شاهد شيخ، نوڪر حسن ميمڻ به سروي ۾ حصو ورتو، شاهد حسين ڏاهري لکيو ته تباهي سرڪار آهي، اويس ملاح لکيو ته عوام هن حڪومت کي رد ڪري ٿو، صفدر سنڌي لکيو ته اسان کي چور واپس کپن ٿا، شبير حسين ڀوت لکيو ته مهانگائي تي جيترو ماتم ڪجي گهٽ آهي،عبدالوهاب سنڌي لکيو ته چورن جي حڪومت سٺي هئي، بابو خاصخيلي لکيو ته اسان سرڪار مان تنگ ٿي ويا آهيون عبدالمنان انڍڙ لکيو ته لاهه نڪري ويا آهن، امتياز جمالي ۽ ماجد منگي به سروي ۾ حصو ورتو.