ڪراچي(اسپورٽس نيوز)ڪپتان بابراعظم مڊل آرڊر بيٽنگ لائن جي ويجهڙ ۾ ڏيندڙ پرفارمنس تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي. ڪپتان چيو ته اسان جي مڊل آرڊر گذريل 2 ميچن ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، جڏهن ورلڊ ڪپ کان اڳ رانديگر اهڙي طرح جي ڪارڪردگي ڏيکاريندا آهن ته ان سان ٽيم کي گهڻو اعتماد ملندو آهي. هن چيو ته مونکي پورو اعتماد آهي ته ٽيم عالمي ايونٽ ۾ سٺي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي، اهو اسان لاءِ سٺو سنوڻ آهي. بابراعظم چيو ته پاڪستان وٽ تمام مضبوط فاسٽ بالنگ اٽيڪ آهي جڏهن ته شاهين شاه آفريدي جي واپسي سان اسان جي بالنگ اٽيڪ وڌيڪ مضبوط ٿي آهي. ڀارت خلاف ميچ جي حوالي سان هن چيو ته روايتي حريف خلاف ميچ هميشه اهم هوندو آهي، شوقين به ان جو شدت سان انتظار ڪندا آهن ۽ اسان به ميدان ۾ پنهنجو 100 سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکاريندي ميچ مان لطف اندوز ٿيندا آهيون.