نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) بي سي سي آءِ طرفان ايشيا ڪپ 2023ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ کان انڪار تي پي سي بي چيئرمين رميز راجا جي سخت ردعمل تي ڀارتي راندين جي وزير انوراگ ٺاڪر جو بيان به سامهون اچي ويو. ڀارتي راندين جي وزير انوراگ ٺاڪر چيو آهي ته ڪرڪيٽ ۾ ڀارت جي ڀائيواري تمام گهڻي آهي ان لاءِ ڀارت کي ڪوبه نظرانداز نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڀارتي ٽيم جي کيڏڻ جي حوالي سان فيصلو گهرو وزارت ڪندي ڇو ته اسان جي ٽيم کي اتي سيڪيورٽي خدشا آهن. هن چيو ته ڪيترائي ڀيرا پاڪستاني ٽيم ڀارت جو دورو ڪيو آهي ۽ هتي کيڏيو آهي، مونکي اميد آهي ته پاڪستان ٽيم ايندڙ سال ورلڊ ڪپ کيڏڻ ڀارت ايندي، 50 اوورن جي ورلڊ ڪپ لاءِ اسان خوش آمديد چئون ٿا.