لاهور(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت کانپوءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابراعظم لاهور پهچي ويو. ذريعن موجب بابراعظم سان گڏ فاسٽ بالر نسيم شاهه ۽ پي سي بي چيئرمين رميز راجا سميت ٽيم آفيشلز پرڏيهي اُڏام ذريعي لاهور پهتا. هوڏانهن فاسٽ بالر حارث رئوف اسلام آباد پهتو ته شاندار استقبال ڪيو ويو. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ هارائڻ جو ڏک آهي، پوري ٽيم پاڪستان جي آهي، ڪرڪيٽ شوقينن اسان کي گهڻو سپورٽ ڪيو. هن چيو ته اسان کي يقين هو ته ورلڊ ڪپ ۾ ڪم بيڪ ڪنداسين. هن چيو ته ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ محنت ڪري رهيو آهيان.