اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي ڀرسان نامعلوم چور ايل ٽي تارون ۽ ٽرانسفارمر چوري ڪري فرار ٿي ويا. اڪري چودڳي ڀرسان نامعلوم چور ڳوٺ انب فقير مڱڻهار ڀرسان بجليءَ جي ٿنڀن تان ايل ٽي تارون ۽ ڳوٺ جو ٽرانسفارمر لاهي فرار ٿي ويا. ڳوٺاڻن استاد علم الدين مڱڻهار، صداقت علي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته برسات سبب ڳوٺ ٽن مهينن کان کنڊر بڻيل آهي. چوطرف پاڻي بيٺل هجڻ سبب ڳوٺ ڀرسان ڀِٽ تي ويٺل آهيون. امداد ته ڪانه ملي، الٽو بجليءَ جون تارون ۽ ٽرانسفارمر چوري ٿي ويو. هنن الزام هڻندي چيو ته بجليءَ جي تارن ۽ ٽرانسفارمر چوري ٿيڻ ۾ واپڊا اهلڪار ئي ملوث آهن. هنن مطالبو ڪيو ته چوري ٿيل ايل ٽي تارون ۽ ٽرانسفارمر واپس ڪرائي پريشانيءَ کان بچايو وڃي.