ميھڙ (ن پ ا) گورنمينٽ گرلس لوئر سيڪنڊري اسڪول سنڌي ٻٽڙا مان ٿيل چوري واري واقعي خلاف سنڌي ٻٽڙا ھاء اسڪول ۽ پرائمري اسڪول سنڌي ٻٽڙا ۾ تدريسي عمل جو بائڪاٽ ڪري ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي استاد ۽ شاگرد سراپا احتجاج بڻجي ويا. نياڻين جي اسڪولن مان ٿيل چوري واري واقعي خلاف گورنمينٽ هاء اسڪول سنڌي ٻٽڙا جي هيڊ ماستر الطاف حسين ٻلهڙو، احمد علي جتوئي ، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جي هيڊ ماستر عجيب الله قمبراڻي ، نور محمد جتوئي جي اڳواڻي ۾ شاگردن ، استادن ٽئين ڏينھن بہ احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ٻنهي اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن چيو ته اسڪولن مان چوريون ٿيڻ شرم ناڪ عمل آهي اسڪول مان ٿيل چوري واپس ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ ڊي ايس پي ميهڙ آفيس اڳيان شاگردن سميت احتجاج ڪيو ويندو.