ڄامشورو (رپورٽر) علم ۽ شعور طور دنيا ۾ منفرد سڃاڻپ رکندڙ ڄامشورو شهر جو واحد پرائمري اسڪول جي عمارت زبون ٿيڻ سبب اسڪول ڏهن سالن کان بند پيل آهي، اسڪول جي بحالي لاءِ ڄامشوري جي سڄاڻ ڌرين پاران مسلسل احتجاج ڪرڻ کان پوءِ اسڪول جي عمارت منظور ٿي پر ضلعي جي ڪامورن ۽ چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي سبب ڏهن سالن جي عرصي ۾ عمارت جڙي نه سگهي آهي، ٺيڪيدار بااثر هجڻ سبب پنهنجي مرضي تي اسڪول جي عمارت جو ڪم ڪري وري گم ٿي وڃي ٿو، پرائمري اسڪول ۾ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ شاگرد تعليم پرائي رهيا هئا جن جو مستقبل بڻجي نه سگهيو آهي، تعليم کاتي پاران گرلز اسڪول ۾ شام جي وقت بوائز شاگردن جي شفٽ شروع ڪرائي پر سهولتون نه هجڻ ۽ استادن عدم دلچسپي سبب هزار شاگردن مان ٻه سو شاگردن جي حاضري وڃي بچي آهي. ڄامشوري جي سڄاڻ ڌرين چونڊيل نمائندن، ضلعي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سخت نوٽيس وٺي پرائمري اسڪول جي عمارت فوري طور تي منظور ڪرائي وڃي، سندن چوڻ آهي ته علم ۽ شعور جي شهر ۾ بنيادي پرائمري تعليم جو اسڪول نه آهي جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه آهي تنهنڪري هن مسئلي کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي.