بين الضلعي ۽ انٽرا سٽي ٽرانسپورٽ سڀاڻي کان کولڻ جو فيصلو

0
559
اين سي او سي ڪورونا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اين سي او سي جو اجلاس: بين الضلعي ۽ انٽرا سٽي ٽرانسپورٽ سڀاڻي کان کولڻ جو فيصلو، ان سلسلي ۾ وفاقي وزير اسد عمر چيو آھي تھ پبلڪ ٽرانسپورٽ 50 سيڪڙو مسافرن سان هلائي ويندي، مارڪيٽس ۽ دڪان 17 مئي کان کوليا ويندا، مارڪيٽس ۽ دڪان رات 8 وڳي تائين کُليل هوندا، اسد عمر چيو آھي تھ سرڪاري آفيسز 50 سيڪڙو حاضري سان 17 مئي کان کوليون وينديون. ياد رھي تھ ڪورونا وائرس جي صورتحال خراب ٿيڻ سبب بين ضلعي ۽ انٽرا سٽي ٽراسنپورٽ بند ڪئي وئي ھئي. اين سي او سي پاران چيو ويو آھي تھ لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو فيصلو ڪيو ويو آھي، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد لازمي ڪيو وڃي، مارڪيٽس ۽ دڪان سومر کان کوليا ويندا، سموريون آفيسز 17 مئي تي کوليون وينديون.