پي ايس ايل جا رھيل ميچز ڪاٿي کيڏيون وينديون..؟

0
395

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپرليگ جي رھيل ميچز جي مستقبل لاءِ ايندڙ ٻه ڏينهن انتهائي اهم قرار ڏنو پيو وڃي، ان دوران پي ايس ايل جي بقيه 20 ميچز يو اي اي ۾ ٿيڻ يا نه ٿيڻ جي باري ۾ فيصلو ممڪن آهن، ذريعن موجب پي سي بي يو اي اي ۾ پي ايسل ايل جا بقيه ميچز ڪرائڻ لاءِ پر اميد آهي، ڇو ته يو اي اي ۾ ميچز جي لاءِ مثبت اشارا ملي رهيا آهن، ميچز لاءِ ابو ظهبي خاص جڳهه ٿي سگهي ٿي، ذريعن موجب پي ايس ايل جي ميچز جي ري شيڊول ڪرڻ جتي تياريون شروع ڪيون ويون آهي، ڇو ته 20 جون تائين ليگ مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻه کان ٽي ڊبل هيڊر ڪرائڻ جي تجويز زير غور آهي. ذريعن موجب يو اي اي ۾ اجازت نه ملڻ تي ڪرچي بطور بيڪ آپشن استعمال ڪيو ويندو، هن صورتحال ۾ پي سي بي ٻيهر اين سي او سي رابطو ڪندو.