نواز ليگ رنگ روڊ اسڪينڊل جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

0
192
حڪومت شهباز شريف کي

لاھور (بيورو رپورٽ) نواز ليگ رنگ روڊ منصوبي ۾ ڪرپشن ۽ گهوٻين بابت پنجاب حڪومت جي انڪوائري رپورٽ رد ڪري ڇڏي، ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته رنگ روڊ اسڪينڊل جي جاچ رپورٽ سامهون اچڻ بعد ڪارروائي نه پر گرفتارين جي ضرورت آهي، رنگ روڊ اسڪينڊل گهوٻيون نه، 25 ارب کان وڌيڪ ڌاڙو آهي، رپورٽ سامهون اچڻ بعد عمران خان ۽ عثمان بوزدار کي اين آر او نه ملندو، ان ٻنهي سوڌو سمورن ذميوارن کي گرفتار ڪيو وڃي، هن چيو آهي ته عمران صاحب ۽ عثمان بزدار رنگ روڊ اسڪينڊل جا مجرم آهن، عمران صاحب ۽ عثمان بزدار جي هوندي شفاف انڪوائري ناهي، مافياز جي سهولت ڪاري ٿي سگهي ٿي.