اين اي 249 تي پيپلزپارٽي کانسواءِ سمورين جماعتن ووٽن جي ٻيھر ڳڻپ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو

0
538

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي تڪ اين اي 249 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ تڪراري بڻجي وئي، پيپلز پارٽي کان سواءِ سمورين پارٽيز ڳڻپ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ سوڌو بائيڪاٽ ڪندڙ جماعتن طرفان آر او آفيس ۾ درخواست جمع، متحده پاڪستان، پاسبان، پي ايس پي ۽ آزاد اُميدوارن جون به درخواست تي صحيحيون ٿيل، بائيڪاٽ ڪندڙ پارٽيز درخواست ۾ اعتراض واريا آهن ته پيپلز پارٽي کان سواءِ ٻي ڪنهن به پارٽي کي فارم 46 نه ڏنو ويو، ووٽ ميچ ڪرڻ لاءِ بيلٽ بُڪ جو ڪائونٽر فائيل به موجود نه هو، پولنگ بيگ تي ڪا به سِيل نه هئي، اهڙي صورتحال ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو حصو نه ٿو بڻجي سگهي، اليڪشن ڪميشن جي عملي مختلف پارٽيز جي بائيڪاٽ باوجود ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ شروع ڪري ڇڏي، رڳو پيپلز پارٽي جو اُميدوار ۽ پولنگ ايجنٽس ڳڻپ دوران موجود، اليڪشن ڪميشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽيز جي بائيڪاٽ باوجود ووٽن جي ڳڻپ جاري رهندي.