ٿاڻوبولاخان ۽ فيض گنج ڀرسان ٻن نوجوانن آپگهات ڪري ڇڏيو

0
246

ٿاڻو بولا خان/فيض گنج (نمائندن وٽان) ٿاڻوبولاخان جي ڳوٺ ملڪ دوست علي خان ۾ 18 ورهين جي نوجوان ظهير سولنگي رئي سان گهر اندر ڦاهو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو، سندس وارث نوجوان جو لاش اسپتال کڻائي ويا جتي ڊاڪٽرن طرفان موت جي تصديق ڪئي وئي ۽ لاش بنا پوسٽ مارٽم جي گهر کڻائي ويا، نوجوان جي والد جو چوڻ آهي ته سحري جي وقت هو ٽي وي ڏسي رهيو هو صبح جو کيس ننڍ ۾ ستل ڇڏي ڪم تي ويو هوس، اسان کي خبر ناهي هن ڇو ڦاهو کاڌو آهي هو ڪاله عيد لاء ڪپڙا پڻ وٺي آيو هو، ٻئي پاسي فيض گنج ڀرسان 24سالن جو نوجوان اشفاق راڄپر گهرو تڪرار تان زهريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي جنهن جي جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي.