ويڳي پيءُ ڪيترائي ڀيرا زيادتي جي ڪوشش ڪئي: ايشل فياض

0
1114

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪاره ايشل فياض انڪشاف ڪيو آهي ته هن جي ويڳي پيءُ ساڻس ڪيترائي ڀيرا زيادتي جي ڪوشش ڪئي، هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو آهي ته منهنجي عمر 3 سال هئي ته والد فوت ڪري ويو هو، جنهن بعد والده ٻي شادي ڪئي، ٿوري وڏي ٿيس ويڳي پيءَ زيادتي جي ڪوشش ڪئي ۽ هي صرف هڪ نه پر ٽي چار ڀيرا ٿيو، هن چيو آهي ته جڏهن چوٿون ڀيرو مون سان زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مان پنهنجي ڀيڻ کي ٻڌايو، جنهن بعد اسان امان وٽ وياسين ۽ پوري ڪهاڻي ٻڌائي، هن چيو ته هن واقعي کانپوءِ والده جي طلاق ٿي وئي.