اينڪر پرسن جي قتل تي ٿيندڙ سياست

0
115
اپوزيشن اسيمبليون ٽوڙڻ تي ... وفاقي حڪومت عدم اعتماد لاءِ اڳڀرو، دنگ ڪٿي ٿيندو؟

  زمانو بدلجي ويو آھي۽  ماڻھو به بدلجي پيا آھن ھا، ڪو  وقت ھو ماڻھو ايڏا محتياط ھوندا ھئا جو ڪابه ڳالھه ٻڌندا ھئا ته ان  ڳالھه کي ايستائين نه ڪندا ھئا جيستائين ان جي تصديق نٿي ٿئي پر  سوشل ميڊيا جي ھن ترقي يافته  دور ۾ ايڏو ته ھو ڪنن جو ڪچو تڪڙو ۽ بي صبرو  ٿي ويو آھي جو ھر وقت کيس ڪنھن جي پٽڪي ڌوڙ ڪرڻ جي جلدي لڳي پئي  ھوندي آھي.

                 ان جو نتيجو اھو ٿو نڪري جو ان ڪوڙ جي ڪري ملڪي سطح تي بدنامي جي ھڪ ھلچل پيدا ٿئي ٿي ان کانسواءِ ڪافي اھڙا نابالغ سوشل ميڊيا يوزر به ان مسئلي کي  بيجا وائرل ڪندا رھن ٿا جيئن وڌيڪ بدنامي ٿـئي، اھڙن بد نيتي تي ٻڌل  سياسي فائدو وٺندڙ سياستدانن يا عام تنقيد ڪندڙ   خلاف ڪابه باقائده ڪارروائي نه ٿي آھي

                 جيئن ھو اڳتي اھڙين حرڪتن کان باز اچن. اھو  ٽريند ڪافي وقت کان شروع ھو پر جڏھن کان پاڪستاني اينڪر پرسن ارشد شريف  ڪينيا ۾ مارجي ويو آھي، ان ڏينھن کان سياست شروع ٿي آھي جڏھن ته ڪينيا پوليس ھن جي قتل جي ذميواري قبولي آھي ۽ بيان ڏنو آھي ته  ھو ڪنھن گاڏي کي ٽريس ڪري رھيا ھئا

جنھن ۾ ڏوھاري ڪنھن ٻار کي اغوا ڪري وڃي رھيا ھئا ان دوران ھي گاڏي اچي وئي جنھن تي غلطي سبب فائر ڪيو سين ته  پاڪستاني اينڪر پرسن مارجي ويو تنھن کان پوءِ پوليس ٻيو بيان ڏنو آھي ته پوليس مٿان ان ڪار مان فانرنگ ٿيڻ تي پوليس جوابي فائرنگ ڪئي ته اھو واقعو پيش آيو.  پوليس جي اھڙي بيان ۽ ڪارروائي ڪيترن شڪ شبھن کي به جنم ڏنو آھي تنھن ڪري ھاڻ ته اھو ضروري ٿي پيو آھي ان ڳالھه جي تھه تائين پھچي ذميوارن کي  قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻجي.  پر ھتي ھڪ طرف جاچ جو مطالبو آھي ٻئي طرف سياسي بيان بازي. ساڳي وقت رڳو پاڪستاني عوام حڪومت،  اپوزيشن جو مطالبو آھي ته مٿين مسئلي جي جاچ ٿيڻ کپي پر وڏي ڳالهھ   اقوام متحدہ جي جنرل سيڪريٽري ايتنيو گوتريس به شفاف جانچ جو مطالبو ڪيو آھي پر  ان کان پھرين ھتي وڏو بحث شروع ٿي ويو آھي ان ڏينھن کان ان مسئلي تي سياسي ماڻھن سياست شروع ڪري ڇڏي آھي. عمران خان پيو چئي ارشد شريف کي  ٿريٽ ھئا کيس ڌمڪي آميز فونون آيون  ٿي ان ڪري  مون کيس ٻاھر وڃڻ جو مشورو ڏنو.

ھن جو اشارو اسيٽيبلشمينٽ، حڪومت ڏانھن آھي ، فيصل واوڊوا پيو چئي ته ارشد شريف شريف اسٽيبلشمينٽ جو ماڻھو ھو ھن جي قتل جي ذميوار اسيبلشميٽ نه پر اھي آھن جن کيس ٻاھر وڃڻ تي مجبور ڪيو ھو، ان جو اشارو ان ماڻھن ڏانھن آھي جيڪي ھن کي اتي رھائي ويٺا ھئا. ان بيان ۽ پريس ڪانفرنس تي فيصل واوڊا جي ميمبر شپ ختم ٿي  وئي،

فيصل واوڊا واري ڳالھه ڪجھه درست لڳي ٿي ارشد شريف ماڻھو ئي اسٽيبلشمينٽ جو ھو ان ڪري عمران خان ۽ سندس ٽيم پاران جيڪي بيان ڏنا ويا ان  بيانن جو رخ  اسٽيبلشميٽ ڏانھن ھو جنھن تي آءِ ايس آءِ جي سربراھه ڊي جي جنرل نديم انجم ۽ آءِ ايس پي آر جي سربراهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان ڏانھن اشارو ڪندي چيو آھي ھو غير آئيني ڪم نه ڪرڻ تي آرمي خلاف بيان ڏئي ٿو پر رات جي اونداھي ۾ ملاقاتون ڪري ٿو وري صبح جي روشني ۾ ڪجهھ ٻيا بيان ڏئي ٿو.   جڏھن ته ساڻس گڏ ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار چيو  ته  ارشد شريف کي ڪنھن گھرايو سندس ڪيس ۾ اي آر واءِ جي مالڪ کي شامل ڪيو وڃي. 5 آگسٽ تي ڪي پي  سرڪار جي وزير اعليٰ  جي حڪم تي کيس ملڪ ڇڏڻ لاءِ راضي ڪرڻ خاطر ٿريٽ جاري ڪيو ويو.

ارشد شريف جي  امارات ۾  ماني ٽڪي ۽ رھائش جو بندوست ڪنھن ڪيو  جنھن کان پوءِ  ٻيا 34 ملڪ ڇڏي ڪينيا جھڙي ملڪ ۾ ھن کي ڇو ۽ ڇا لاءِ اماڻيو ويو ڪنھن مجبور ڪيو ان جي موت وقت اتي موجود وقار ۽ خرم ڪير ھـئا ڪينيا کان قتل جي خبر ڪنھن ھتي ڪنھن کي ڏني ان جي جاچ ٿيڻ گھرجي. ٻئي پاسي  راڻا ثنا الله ارشد شريف جي قتل جو ڪڙيون عمران خان ۽ سلمان اقبال سان  ملائي بس  ھڪڙوئي  بيان ڏيئي پنھنجي  جان ڇڏائي چئي ٿو ارشد سان گڏ خرم اي آر واءِ جو ملازم آھي،گھرو وزير کي  رڳو بيان ڏيئي جان ڇڏائڻ نه گھرجي کيس جاچ ڪري ڪنھن نتيجي تائين پھچڻ کپي.  بھرحال  ملڪ ۾ ھن وقت جيڪا خام خيالي، ڇڙواڳي ۽ مفروضاتي بيان بازي ھلي ٿي  جنھن ملڪ ۾ وڏا انتشار پيدا ڪيا آھن

ان کي روڪي ڪنٽرول ۾ آڻڻ وقت ۽ حالتن جي  سخت ضرورت آھي ڪٿي ايئن نه ٿئي اھي ملڪ لاءِ ھاڃيڪار ثابت ٿين،

پاڪستان مان فيڪٽ فائنڊنگ ٽيم ڪينيا ۾ جاچ ڪري پئي ان جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ خبر پوندي ارشد شريف جي قتل جا اصل محرڪات ڪھڙا آھن. ان تي ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ آءِ ايس پي آر ترجمان جي پريس ڪانفرنس ارشد شريف جي قتل جي اصل حقيقتن کي سمجھڻ ۽ثابت ڪرڻ ۾ ڪنھن حد تائين مدگار ثابت ٿي آھي.

ان کان اڳ پاڪستاني  فيڪٽ فائنڊنگ ٽيم ڪينيا به وئي آھي سو ان قتل جي باري ۾ صحيح  خبر اھي ئي ڏيندا  تنھن ڪري ھن کان اڳ سياسي بيان ڏيڻ رڳو نقصان کي دعوت ڏيڻ آھي.