اينٽي ڪرپشن ۾ قاعدن جي لتاڙ ڪيستائين..؟

0
181
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

شاهد ميراڻي ڪراچي مان لکي ٿو

سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي کاتن ۾ خاص طور تي ڪامورن جي مقررين کان وٺي انتظام هلائڻ بابت جيڪي مول متا جوڙيا وڃن ٿا، انهن تي عمل ڪرائڻ ڄڻ ته کاتن ۾ سربراهي عهدن تي ويٺل ڪامورا پنهنجي ذميواري ئي نه ٿا سمجھن، قاعدن ۽ ضابطن تي عمل نه ٿيڻ سبب بي پهچ آفيسر ۽ ملازم سدائين پاسيرا رهندا آهن ۽ سفارشي آفيسرن جا وارا نيارا هوندا آهن. ٿيندو ته ايئن به آهي ته سڻڀي پوسٽ لاءِ مٿين گريڊن وارا آفيسر به ننڍي گريڊ واري سڻڀي پوسٽ وڏيون سفارشون هلائي به وٺندا آهن. پر انهن سمورن معاملن ۾ کاتن جا جوڙيل ضابطا لتاڙبا رهندا آهن. ايئن ئي جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪرپشن کي پاڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار جي اينٽي ڪرپشن کاتي جي ڳالهه ڪجي ته اتي به  رولز جي ڀڃڪڙي نظر اچي ٿي، پر ان تي ڪو ايڪشن نه ٿو کڄي. کاتي ۾ جيتوڻيڪ مختلف وقتن صوبائي ۽ وفاقي سروسز جا ڪامورا چيئرمين ۽ ڊائريڪٽر اسٽيبلشمينٽ جي عهدن تي رولز مطابق مختص ٿيل ڊيپوٽيشن واري ڪوٽا تي مقرر ٿيندا رهن ٿا پر اينٽي ڪرپشن کاتي جا جيڪي پنهنجا آفيسر يا ملازم آهن انهن مان رڳو ايڪڙ ٻيڪڙ آفيسرن کي اهم پوسٽن تي ويهاري ٻين سمورن آفيسرن کي سدائين سائيڊ لائين ڪيو ويندو آهي، اينٽي ڪرپشن کاتي جا جيڪي آفيسر آهن انهن جون ترقيون به وڌکان وڌ 18 گريڊ تائين ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تائين ٿين ٿيون، جنهن ڪري کاتي ۾ ڊائريڪٽر اسٽيبلشمينٽ ۽ ڊائريڪٽر انڪوائريز وارين مجموعي طور تي 4 پوسٽن تائين به کاتي جا ڪامورا ترقيون نه ٿيڻ سبب پهچي نه ٿا سگھن، جنهن ڪري چيئرمين اينٽي ڪرپشن تائين کاتي جي ڪنهن آفيسر جو پهچڻ وارو ته اڃان تائين تصور به موجود ناهي، بهرحال اينٽي ڪرپشن ۾ رولز تحت ڊيپوٽيشن واري مختص ٿيندڙ چيئرمين يا ڊائريڪٽر اسٽيبلشمينٽ سدائين هڪ ٻن کاتي جي آفيسرن کي ويجھو رکي سموري کاتي جي ملازمن ۽ آفيسرن کي پاسيري پوسٽن تي مقرر ڪري ٿا ڇڏين،

اينٽي ڪرپشن کاتي جي 2013ع ۾ ٺاهيل مول متن موجب اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن کي سرڪل آفيسر واري عهدي تي مقرر ڪرڻو آهي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر گھٽ يا نه هجڻ جي صورت ۾ سينيئر انسپيڪٽرن کي سرڪل آفيسر طور ذميواريون ڏيڻيون آهن، پر هن وقت 17هين گريڊ جا 4  اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فدا شاھه ۽ رتو خان جلباڻي لاڙڪاڻي، شفاعت مرزا حيدرآباد ۽ عارف شاھه  چيئرمين آفيس ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور مقرر ٿيل آهن، ڄاڻايل آفيسرن کي سرڪل آفيسر طور مقرر ڪرڻ بجاءِ ڊپٽي ڊائريڪٽرن ۽ چيئرمين جي آفيس ۾ سائيڊ پيل پوسٽن تي ويهاريو ويو آهي ۽ ساڳئي وقت حيدرآباد ۾ به غيرقانوني طور تي ليگل برانچ جي انسپيڪٽر اسد لاڙڪ کي سرڪل آفيسر واري عهدي تي ويهاريو ويو آهي. حيرت جي ڳالهه اها به آهي ته  18هين گريڊ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر اشرف سومرو ڊائريڪٽر اسٽيبلشمينٽ جي اسٽاف آفيسر واري 16هين ۽ 17هين گريڊ واري پوسٽ تي مقرر ٿيل آهي. ڄاڻايل 18هين گريڊ جو آفيسر اشرف سومرو ساڳئي وقت ڊپٽي ڊائريڪٽر ليگل به مقرر ٿيل آهي ته مٿان وري 16هين ۽ 17هين گريڊ واري اسٽاف آفيسر واري پوسٽ تي به ويهاريو ويو آهي، جيڪو پڻ رولز جي بلڪل ابتڙ آهي، اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ڊيپوٽيشن ڪوٽا تي مقرر ڪامورن تي انتظامن ۽ حدن ۾ به نوازش ٿيندي رهي ٿي، ڊائريڪٽوريٽ ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرر ٿيل ڊپٽي ڊائريڪٽر هيڊ ڪوارٽر 2 عبدالقادر سومرو کي ڪراچي جي ٽنهي ايسٽ، ويسٽ ۽ سائوٿ زونز کانسواءِ  سکر ۽ لاڙڪاڻو زونز جا معاملا سونپيل آهن، جيڪي مجموعي طور تي وٽس 5 زون آهن،. جن جا معاملا کيس سنڀالڻ لاءِ ڏنا ويا آهن. جڏهن ته ڊائريڪٽوريٽ ۾ کاتي جي آفيسرن ايڊيشنل ڊائريڪٽر طور مقرر ٿيل نورالله شيخ کي رڳو لاڙڪاڻو ۽ ڄامشورو زون ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر هيڊ ڪوارٽر ون عبدالرزاق راهپوٽو وٽ رڳو ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد زون آهن.

اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ وڏي وزير کي گھرجي ته کاتي ۾ مقررين واري معاملي، من پسند آفيسرن کي سفارش جي بنياد تي اهم عهدن  تي ويهارڻ ۽ حدون وڌائي ڏيڻ کان وٺي 19هين گريڊ جي ڊائريڪٽر اسٽيبلشمينٽ کي 18هين گريڊ جو اسٽاف آفيسر ڏيڻ وارن معاملن تي ڪو قدم کڻي کاتي جي ساک کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪا اهڙي حڪمت عملي يا مانيٽرنگ پاليسي ٺاهين جيئن اينٽي ڪرپشن کاتو ننڌڻڪو بڻجي ڊيپوٽيشن تي مختلف کاتن کان ايندڙ ڪامورن لاءِ رڳو ڪمائي جو ذريعو هجڻ بجاءِ گھربل نتيجا به ڏئي سگھي.