پکو ۾ ويڳي ڀاءُ لاش جي بي حرمتي ڪندي قبرستان مان ڪڍي ڇڏيو، ڌرڻو

0
331
پکو ۾ ويڳي ڀاءُ لاش جي بي حرمتي ڪندي قبرستان مان ڪڍي ڇڏيو، ڌرڻو
پکو ۾ ويڳي ڀاءُ لاش جي بي حرمتي ڪندي قبرستان مان ڪڍي ڇڏيو، ڌرڻو

پکو (ن پ ا) پکو ۾ ويڳي ڀاءُ لاش جي بي حرمتي ڪندي قبرستان مان ڪڍي ڇڏيو، جنهن جي وارثن پاران ڌرڻو هنيو ويو.

ڳوٺ چونڊيا ۾ پنج سال اڳ 2017 ۾ جوابدار عبدالحميد ڪلھوڙو سڱاوتي معامري تان نوجوان آفتاب ڪلھوڙو کي قتل ڪري لاڙڪاڻي سينٽرل جيل ۾ سزا ڀوڳي رھيو ھو جيڪو گذريل رات جيل اندر فوت ٿيڻ بعد لاش ڳوٺ آندو ويو.

فوتي جي ويڳي ڀاءُ غلام شبير ڪلھوڙو لاش کي اباڻي قبرستان ۾ دفنائڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ لاش جي بيحرمتي ڪندي لاش کي قبرستان کان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو.

ويڳي ڀاءُ پاران لاش جي بي حرمتي ڪرڻ تي فوتي قيدي جي وارثن انڊس ھاءِ وي روڊ تي لاش رکي ڌرڻو ھڻي لاڙڪاڻو _ ڪراچي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، سندس خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.