مورو ويجھو ڍنڍ اندر نامعلوم شخص جو لاش ھٿ

0
253

مورو(ن پ ا) مورو ويجھو ڪچي جي ديه خيرو ديرو ۾ ڍنڍ اندر نامعلوم شخص جو لاش ھٿ آيو آهي.

اطلاع ملڻ تي گچيرو ٿاڻي جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ٻڀڙي ذريعي لاش کي ٻاھر ڪڍرائي ورتو.

واقعي جي خبر پوڻ تي آسپاس جا ماڻھو پڻ پھچي ويا پر لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي آھي.

پوليس جو چوڻ آھي ته نوجوان کي 24 ڪلاڪ گذري چڪا آھن، جسم تي ڪنھن به قسم جا نشان ناھن، لاش مورو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.