ايف آءِ اي جي حرڪت ۾ اچڻ کانپوءِ حريم شاهه پنهنجي بيان تان ڦري وئي

0
425
ايف آءِ اي جي حرڪت

ڪراچي(ڊيسڪ رپورٽ) گذريل ڏينهن مشهور ٽِڪ ٽڪر حريم شاهه جي برطانيا منتقلي واري دعويٰ کانپوءِ ايف آءِ اي جي حرڪت ۾ اچڻ کانپوءِ ٽِڪ ٽاڪر پنهنجي بيان تان ڦري وئي

هاڻ سوشل ميڊيا تي حريم شاهه جي هڪ نئين وڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ هڪ شخص به ساڻس گڏ آهي

حريم جو چوڻ هو ته منهنجي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ مون تي مني لانڊرنگ جا الزام لڳايا ويا پر مان ڪڏهن به مني لانڊرنگ ناهي ڪئي ۽ نه ئي مون کي ان حوالي سان خبر آهي

حريم پنهنجي ڳالهه ٻولهه کي مذاق قرار ڏنو ۽ پئسن بابت انڪشاف ڪيو ته مان پنهنجي ڀاءُ جي آفيس ۾ آئي هئس ۽ جڏهن مون اتي ڪجهه پئسا ڏٺا ته هن اها رقم سندس اجازت سان وڊيو ٺاهڻ ۾ استعمال ڪئي

ٽڪ ٽاکر موجب وڊيو ۾ استعمال ڪيل رقم غير قانوني ناهي، مان اهو چوڻ چاهيان ٿي ته جيڪي مني لانڊرنگ ڪن ٿا اهو ٻاڌئي ڪري ناهن ڪندا، جڏهن ته مان اميگريشن ڪليئر ڪري لنڊن پهتي آهيان، جنهن کي ڪئميرا جي مدد سان چيڪ به ڪيو ويندو آهي

حريم وڌيڪ چيو ته سڀني کي خبر آهي ته مون ڪڏهن به ڪو غلط ڪم نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪو ڏوهه ڪيو آهي، مان ڪيترن ئي ملڪن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري عزت حاصل ڪئي آهي

وڊيو ۾ حريم شاهه سان گڏ هڪ ٻيو شخص به آهي جنهن پنهنجو تعارف مني ايڪسچينج جي ملازم طور ڪرايو ۽ چيو ته هي رقم هن جي آهي

وڊيو ۾ موجود شخص جو چوڻ هو ته مان حريم کي فون ڪئي ۽ هوءَ لنچ لاءِ منهنجي آفيس  آئي هئي، حريم مزن کي ان رقم سان وڊيو ٺاهڻ جي اجازت گهري هئي

ھي به پڙھندا

وڊيو مزي لاءِ ٺاهي، ايف آءِ اي شوق سان انڪوائري ڪري: حريم شاهه