وزيراعظم کي آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ افغانستان صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني: فواد چوڌري

0
163
رياست ۽ حڪومت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪالهه خميس ڏينهن تي وزيراعظم عمران خان آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو

پنهنجي ٽويٽ بيان ۾ هن چيو آهي ته  آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ سندس ٽيم وزيراعظم کي افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني

وفاقي وزيرچيو آهي ته اسان جو مقصد افغانستان ۾ استحڪام کي يقيني بڻائڻ آهي ۽ پاڪستان ان لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، اڄ دنيا پاڪستان جي نقطه نظر جي ويجهو اچي رهي آهي