غيرقانوني اڏاوت ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ٿيندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

0
150
غيرقانوني اڏاوت ۾ ملوث

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ عليزه آرڪيڊ کي غيرقانوني قرار ڏئي ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ غيرقانوني اڏاوت دوران مقرر آفيسرز جا نالا 15 ڏينهن ۾ طلب ڪري ورتا، عدالت ايس بي سي اي جي وڪيل کي چيو ته توهان پاڻ ته آفيسرز خلاف ڪارروائي نه ڪندئو، ذميوار آفيسرز جا نالا ائنٽي ڪرپشن کي ڏنا وڃن

عدالت ريمارڪس ڏنا ته چوٿين ماڙ ڪيرائڻ جو حڪم ڏنو هو، اڃا تائين نيڪالي جا نوٽيسز جاري ٿيا آهن، ڇا خط به گهوڙن ذريعي اُماڻيندا آهيو جو پهچن ئي نٿا

عدالت چيو آهي ته آفيسر ڪمرن ۾ ويهي ليٽر ليٽر کيڏن ٿا، آفيسر ملي ڀڳت نه ڪن ته بلڊرز کي غيرقانوني اڏاوت جي همت ئي نه ٿئي، هتي آفيسرز جي ملي ڀڳت سان غيرقانوني اڏاوتن جي ڀرمار آهي، اهڙين اڏاوتن خلاف ايڪشن نه کڻندڙ آفيسرز خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي

ايس بي سي اي جي وڪيل چيو ته هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، توهان ان جي سربراهه کي طلب ڪري سگهو ٿا، عدالت چيو ته غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي نه ڪندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو، ايس بي سي اي وڪيل چيو ته بلڊر محمد احمد واحدي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، عدالت چيو ته انهن آفيسرن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي، ايس بي سي اي جي وڪيل چيو ته آفيسرن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي

ھي به پڙھندا

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جماعت اسلامي جي درخواست تي سنڌ حڪومت کي نوٽيس