ملير (رپورٽر) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران 6 جون تي بحريا ٽائون جي مک گيٽ آڏو رٿيل ڌرڻي کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڪالهه به رابطا مهم جاري رهي. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ ۽ ٻين چڪرا ڳوٺ، گهگهر ڦاٽڪ، مهراڻ ٽائون، عبدالله ڳوٺ، بلال ڪالوني ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪري عوام کي شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي خطاب ڪندي سيد زين شاھ چيو ته بحريا ٽائون جي نالي ۾ سنڌي ماڻهن کي دائمي طور اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش سٽي پئي وڃي. اهڙي سازش ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت برابر جي شريڪ آهي پر سنڌ جو عوام ترقيءَ جي نالي ۾ پنهنجي وطن تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو. زين شاهه جو چوڻ هو ته زرداري مافيا گذريل 13 سالن کان سنڌ تي عذاب وانگر مڙهيل آهي. ان ڪري سنڌ جي عوام کي پنهنجي ووٽ جي طاقت کي تبديل ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي اعجاز سامٽيو، امير آزاد پنهور، مصطفيٰ چانڊيو، منير نائچ، منير مگسي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ٻئي پاسي سنڌ انڊيجينيس رائٽس الائنس جي اڳواڻن سيد خدا ڏنو شاهه، جمن حمايتي، يونس خاصخيلي گذريل ڏينهن ابراهيم حيدريءَ ۾ حاجي شفيع ڄاموٽ جي پٽ سهيل ڄاموٽ، فشرفوڪ جي چيئرمين سيد محمد علي شاهه، يوسف شاهه ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪري کين 6 جون واري ڌرڻي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي زمينن ۽ قديمي ڳوٺن تي والار ڪري سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، بحريا ٽائون جي والار ۾ سنڌ سرڪار ملوث آهي، سنڌ جي زمينن تي والار کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.