تهران (م ڊ) ايران ۾ پوليس حراست ۾ ڇوڪري فوت ٿيڻ خلاف مختلف شهرن ۾ پرتشدد مظاهرا، ڀڃ ڊاهه، باهيون ڏنيون ويون، سيڪيورٽي فورسز جي ڪريڪ ڊائون ۾ فوت ٿيل مظاهرين جو تعداد 31 ٿي ويو، درجنين مظاهرين کي حراست ۾ ورتو ويو، تهران ۽ ڪردستان ۾ سوشل ميڊيا تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، واضح رهي ته تهران ۾ گذريل هفتي نقاب نه پائڻ تي 22 ورهين جي ڇوڪري کي حراست ۾ ورتو ويو هو، پوليس جي دعويٰ آهي ته ڇوڪري دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي، آمريڪا ڇوڪري جي تشدد ۾ موت تي ايراني پوليس ۽ سندس سربراهه تي پابنديون لڳائي ڇڏيون.