ڏوڪري (ن پ ا) وڏي وزير ڏوڪري اسپتال جي گائني ۽ ايمرجنسي وارڊ سميت مختلف وارڊن جو دورو ڪري مريضن سان عيادت ڪئي،استاد لياقت ميراڻي پاران متاثرن جي واهر نه ٿيڻ جي دانهن ڏيڻ تي وڏو وزير آپي کان ٻاهر نڪري ويو، لياقت ميراڻي وزيراعليٰ کي چيو ته توهان عوام جا نوڪر آھيو، ان حيثيت سان ڳالهايو، پ پ پ جا چونڊيل نمائندا ۽ ڪامورا من پسند ماڻهن کي امدادي سامان ڏئي رهيا آهن. اسپتال جي دوري دوران متاثر وزيراعليٰ اڳيان هٿ ٻڌي واهر ڪرڻ جون اپيلون ڪندا رهيا،متاثرن ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو خلاف وڏي وزير آڏو دانهون ڪيون، وزيراعليٰ شڪايتون اڻ ٻڌيون ڪري ڇڏيون،وڏي وزير کي متاثرن لاءِ قائم ڪيل ٽينٽ سٽي جو به دورو ڪرڻو هو، چونڊيل نمائندن خلاف شڪايتون وڌي وڃڻ سبب اسپتال مان واپس روانو ٿي ويو، ان موقعي تي استاد لياقت ميراڻي کي مراد علي شاھ جواب ڏيندي چيو ته بلڪل آءُ عوام جو نوڪر آهيان ۽ دل سان خدمت به ڪريان پيو. توهان مونسان گڏ نڪري ڏسو ته توهان کي خبر پئجي ويندي، سڄي سنڌ جي مختلف علائقن جو مان پاڻ جائزو وٺي رهيو آهيان هر متاثر جي مدد ڪئي ويندي.