ايراني صدارتي چونڊ ۽ رئيسي لاءِ چئلينج

0
385

ايران ۾ صدارتي چونڊ ۾ ابراهيم رئيسي ايران جو نئون صدر چونڊجي ويو آهي،ايران جي نئين صدر لاءِ ، عوامي راءِ اها آهي ته هو مضبوط سخت گير خيالن جو ماڻهو آهي.ابراهيم رئيسي آگسٽ ۾ پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو.هي انهن حالتن ۾ پنهنجي صدارتي عهدو سنڀاليندوجڏهن ايران ڪيترن ئي اندرين ۽ ٻاهرين چئلينجن کي منهن ڏيندو هوندو.نئين صدر آڏو ايندڙ نون چئلينجن جو هتي جائزو وٺڻ کان اول ابراهيم رئيسي جي شخصيت جو جائزوٺنداسين.ابراهيم رئيسي هاڻوڪي صدر حسن روحاني کي سندس صدارتي عهدي تان الوداع ڪرائي جڏهن پاڻ صدر ٿيندو ته ان کان اول ابراهيم رئيسي ملڪ جي اعليٰ عدالتي عهدي هيڊ آف جوڊيشري تان پاڻ به استعيفيٰ ڏيندو.ايران جي مشهد شهر ۾ هڪ مذهبي گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ ابراهيم رئيسي تهران جي يونيورسٽي مان قانون ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ ايران جي قانون واري اداري ۾ هڪ قدآور شخصيت جيتري اهميت حاصل ڪري ورتي .۱۹۸۱ع ۾ جڏهن هي ۲۰ سالن جو هو ته قانون ۾ ڄاڻ هجڻ ڪري هن کي ڪراج شهر ۾ سرڪار طرفان پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو ويو ،۱۹۸۵ع ۾ هن جي قابليت کي ڏسي ڪري گادي واري شهر تهران ۾ ڊپٽي پراسيڪيوٽر طور مقرري ٿي.۲۰۰۴ع کان ۲۰۱۴ع تائين ڊپٽي چيف جسٽس طور پنهنجون ذميواريون سنڀاليون. جڏهن ته ۲۰۱٦ع کان اڄ تائين سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس طور ڪم ڪري رهيو آهي جتان هاڻي استعيفا ڏئي صدارتي عهدو سنڀاليندو.
ابراهيم رئيسي جي عهدي سنڀالڻ کان پوءِ وڏو چئلينج آمريڪا سان ڳالهين جي ميز تي ايٽمي معاهدي ۾ بنا ڪنهن شرط جي پراڻي پوزيشن تي واپس اچڻ آهي .جڏهن ته آمريڪا سميت ٻين ملڪن طرفان ايران سان نتيجي وارين ڳالهين لا ميزائيل ٽيڪنالاجي کي وڌيڪ جديد نه ڪرڻ ۽ پراڪسيز جي مدد بند ڪرڻ سميت ٻيا به اهم نقطا شامل آهن.
۲۰۱۵ ع ۾ سلامتي ڪائونسل جي ۵ مستقل ميمبرن ۽ جرمني سان ايران هڪ ايٽمي معاهدو طئي ڪيو هو جنهن تحت ايران پنهنجي ايٽمي گهرن تائين ايٽامڪ انرجي ايجنسي جي بين الاقوامي ماهرن کي رسائي ڏيڻ جو پابند هو ته جيئن ايران کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ کان روڪيو وڃي .ان جي بدلي ايران جي ٽن ڏهاڪن کان معاشي ناڪابندي ختم ڪرڻي هئي.اهو عمل مرحليوار ڏهن سالن تي ٻڌل هو،پر ٻن سالن بعد آمريڪي صدر ٽرمپ بنا ڪنهن جواز جي ان معاهدي تان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ معاهدي کان اول لڳايل سڀ معاشي پابنديون بحال ڪري ڇڏيون.جڏهن ته ايٽمي انرجي جي ماهرن جي رپورٽن تحت ايران معاهدي جي مڪمل طور پاسداري ڪري رهيو هو پر تنهن جي باوجود به صدر ٽرمپ معاهدي مان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو. آمريڪي نئين صدر جو بائيڊن پنهنجي عهدي تي اچڻ شرط ايران سان ڳالهين جو اشارو ڏنو ۽ ايران کي معاهدي ۾ واپس اچڻ جو چيو.معاهدي تي ڳالهين لا ڪافي گڏجاڻيون ٿي چڪيون آهن .هن وقت ايران ۾ نئين صدر لاءِ ان معاهدي تي واپسي ڪهڙن شرطن تي طئي ڪرڻي آهي اهو هڪ وڏو چئلينج آهي.
ان کان علاوه ٻيو وڏو چئلينج پاڙيسري ملڪن سان پنهنجي ناتن کي هڪ نئين انداز سان جوڙڻ آهي .ڇو ته ايران هن وقت چين سان ۲۵ سالن تي ٻڌل هڪ جامع اسٽريٽجڪ معاهدو ڪيو آهي ،جنهن جي ڪري هن وقت ايران سان انهن ملڪن سان پنهنجن ناتن کي پراڻي پوزيشن ۾ بحال ڪرڻ ۾ ڌکيايون پيش اچي رهيون آهن جيڪي چين جي معاشي منصوبن سان مڪمل سهمت نه پيا رکن.جنهن ۾ سڀني کان وڌيڪ ويجهي اتحادي هندستان سان ايران جا ناتا بگڙجي ويا آهن .چابهار بندرگاهه تي هندستان جي اڌ کان وڌيڪ سيڙپڪاري ايران چين جي حوالي ڪري ڇڏي آهي.
ان کان علاوه پاڪستان سان ناتن کي پڻ نئين سر ترتيب ڏيڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.جڏهن ته ايران اندر ريل جي لائين وڇائڻ جا ڪجهه منصوبا هندستان کي مليل هئا جيڪي پڻ ايران طرفان ختم ڪيا ويا آهن جنهن جو جواز هندستان طرفان فنڊز جاري نه ڪرڻ چيو پيو وڃي.ان کان علاوه هندستان ۲۰۱۸ع ۽ ۲۰۱۹ع ۾ ايران جي تيل جو سڀني کان وڏو خريدار هو جيڪو پنهنجي ضرورتن جي ۱۰ سيڪڙو ايران جي تيل مان پورائو ڪندو هو.پر ٽرمپ طرفان ايران تي لڳايل پابندين جي ڪري هن وقت هندستان ايران مان تيل نه پيو گهرائي جنهن جا پڻ ٻنهي ملڪن جي ناتن تي اثر پيا.
ان کان علاوه صدر ابراهيم رئيسي لاءِ افغانستان ۾ وڏي پيماني تي ٿيندڙ تبديلين کي به منهن ڏيڻو پوندو جتي ۲۰ سالن جي آمريڪي ڊگهي جنگ ختم ٿيڻ طرف وڃي رهي آهي ۽ آمريڪي فوجين افغانستان مان نڪرڻ شروع ڪيو آهي جنهن جي مڪمل واپسي ۱۱ سيپٽيمبر تائين مڪمل ٿي ويندي .ايران افغانستان اندر هڪ مستحڪم حڪومت سان ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي .مگر هن وقت تائين جي صورتحال مان اهو اندازو لڳايو پيو وڃي ته طالبان ۽ افغانستان اندر ٻين سياسي گروهن جي وچ ۾ ڪو به سياسي روڊ ميپ طئي نه ٿي سگهيو آهي. جنهن جي ڪري افغانستان اندر هڪ دفعو ٻيهر گهرو ويڙهه جي صورتحال پيدا ٿيڻ جا خطرا موجود آهن جنهن کي ايران سميت ٻين پاڙيسري ملڪن کي ڀوڳڻو پوندو.
ان کان علاوه ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پڻ امن ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن جنهن جي ٻنهي ملڪن طرفان تائيد پڻ ڪئي وئي آهي.ايراني صدر پنهنجي دور حڪومت ۾ سعودي عرب سان ملڪ جي راءِ عامه جي سوچ تحت پنهنجا ناتا نئين سر ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو.
ان کان علاوه جتي ڪورونا وبا پوري دنيا کي پنهنجي وڪڙ ۾ ورتو اتي ايران به ان وبا جي تباهڪارين کان محفوظ نه رهي سگهيو.۲۰۱۸ع ۾ ٽرمپ طرفان ايران جي ڪيل معاشي ناڪابندي جي ڪري ۲۰۲۰ع جي ڪورونا وبا کي ايراني حڪومت سٺي نموني منهن نه ڏئي سگهي جنهن جي ڪري ۳ ڪروڙ ماڻهو ان وبا جو شڪار ٿي ويا ۽ ۸۰ هزار ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا،جنهن جو ڪارڻ وقت سر دوائن ۽ ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري شين جي اڻهوند هجڻ هو.هن وقت چين جي سهڪار سان ملڪ اندر وڏي پيماني تي ڪورونا ويڪسينيشن شروع ڪئي وئي آهي.
معاشي ناڪابندي جي ڪري هن وقت خود ايران اندر عام ماڻهو بي يقيني جي عالم ۾ آهي.جيڪو هن دفعي صدارتي اليڪشن دوران ڏسڻ ۾ پڻ آيو جو ۱۹۷۹ع کان پوءِ پهريون دفعو ايران اندر صدارتي اليڪشن دوران ووٽنگ جو ٽرن آئوٽ تناسب ۵۰ سيڪڙو کان به گهٽ رهيو آهي.ووٽنگ جي گهٽ ٽرن آئوٽ جو ڪارڻ ڪجهه صدارتي اميدوارن کي اليڪشن ۾ مقابلي ڪرڻ کان اول ئي نااهل قرار ڏيڻ هو جنهن جي ڪري انهن اميدوارن اليڪشن جو بائيڪاٽ ڇڏيو.
ايران جي هاڻوڪي صدر جي مقابلي ۾ نئون چونڊجي آيل صدر ابراهيم رئيسي سخت گير اڳواڻ طُور سڃاتو وڃي ٿو.جنهن جو اظهار اليڪشن کٽڻ کان پوءِ پهريون دفعو نيوز ڪانفرنس ۾ اهو واضح لفظن ۾ نظر اچي رهيو هو ته نيوڪليئر ڊيل ۾ واپسي منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه هوندي پر ان اعزاز کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايران نه پنهنجي ميزائيل ٽيڪنالاجي تان دستبردار ٿيندو ۽ نه وري پنهنجي حقن لاءِ ويڙهه جاري رکندڙ برادر مليشِا جي حمايت ڪرڻ تان هٿ کڻندو.ان پريس ڪانفرنس نئين صدر جي پاليسي واضح ڪري ڇڏي آهي
هونئن ته پرڏيهي پاليسي ۽ دفاعي ادارا سڌي ريت رهبر اعليٰ جي نگراني هيٺ هوندا آهن جنهن جو صدر جي تبديل ٿيڻ سان ڪو خاص فرق ناهي پوندو پر هڪ ملڪي سطح جي اعليٰ منصب تي فائز هجڻ ڪري ان جي سهڪار جي ضرورت پوندي آهي.معاشي طور بلڪل ڪمزور هجڻ ڪري ايران هن وقت شديد عوامي دٻاءُ جو شڪار پڻ آهي.ان سان گڏ يهودي رياست اسرائيل طرفان ايراني سرحدن اندر اچي ڪارروائي ڪرڻ پڻ ايران لاءِ نوان خطرا پيدا ڪري ڇڏيا آهن.جنهن ۾ ايران جي چوٽي جي سائنسدان کي تهران ۾ ئي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان مارڻ ايراني سيڪيورٽي ادارن لاءِ پريشاني جو ڪارڻ بڻيل آهي.ان حملي کان پوءِ نتنز ايٽمي گهر تي رات جي ٽائيم حملو ڪري پوري ايٽمي گهر جي بجلي جو نظام درهم برهم ٿي وڃڻ سان خطرا وڌي رهيا آهن.نتنز ايٽمي گهر تي حملي جي تصديق ڪندي ايراني پرڏيهي آفيس يهودي رياست کي ان جو ذميوار قرار ڏنو.جنهن جو مقصد آمريڪا سان ايٽمي معاهدي ۾ واپسي جي ڳالهين کي سبوتاز ڪرڻ هو.ان قسم جي حملن کي روڪڻ لاءِ تازو ئي ايران روس ۽ چين جي مدد سان سائيبر اسپيس ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪري رهيو آهي.
هر قسم جي خطرن کي منهن ڏيندڙ ايران هن وقت شديد دٻاءَ هيٺ آهي جنهن کي درست رخ ۾ منهن ڏيڻ ابراهيم رئيسي لا انتهائي وڏو چئلينج هوندو.