لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيو آهي ته بابراعظم خلاف سازش نه ٿيڻ گهرجي، ايئن ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. جيو سان ڳالهائيندي مصباح الحق چيو ته جهڙي طرح جي پريس ڪانفرنسز ۽ انهن پريس ڪانفرنسز ۾ سوال ٿي رهيا آهن اهو سڀ ڏسي رهيو آهي، جيڪڏهن ڪو فيصلو ڪرڻو آهي ته سڀني کي گڏجي ويهي ڪرڻ گهرجي، رانديگر، سليڪشن ڪميٽي ۽ بورڊ ويهن ۽ آرام سان فيصلو ڪن. مصباح الحق چيو ته الڳ الڳ ڪپتان ڪرڻ سان گهڻيون شيون متاثر ٿينديون، اسان وٽ الڳ الڳ ڪپتان مقرر ڪرڻ سان مقابلو شروع ٿي ويندو آهي، الڳ الڳ ڪپتان ڪرڻ سان هڪ سياسي ماحول بڻجي ويندو آهي، شيون آسان ناهن رهنديون.