ڪراچي(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ کي هوم گرائونڊ تي پهرين ون ڊي ميچ ۾ شڪست ڏيڻ کانپوءِ پاڪستان آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ سپر ليگ ۾ ٻئي پوزيشن تي اچي ويو آهي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) سماجي رابطي جي سائٽ ٽوئٽر تي پوائنٽس ٽيبل جاري ڪئي آهي جنهن ۾ ڀارت 21 ميچن ۾ 139 پوائنٽس سان پهرين، جڏهن ته 19 ميچن ۾ 130 پوائنٽسن سان پاڪستان ٻي پوزيشن تي موجود آهي. اهڙي طرح نيوزيلينڊ 19 ميچن ۾ 130 پوائنٽن سان ٽئين، انگلينڊ 18 ميچن ۾ 125 پوائنٽس سان چوٿين، آسٽريليا 18 ميچن ۾ 120 پوائنٽس سان پنجين، بنگلاديش 18 ميچن ۾ 120 پوائنٽن سان ڇهين نمبر تي موجود آهي.