عمرڪوٽ(اسپورٽس نيوز) 22هون آل سنڌ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ھارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ستين رائونڊ ۾ قاسمي ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچي جي ٽيم ڪامياب. ان سلسلي ۾ عبدالحفيظ ڪرڪيٽ ڪلب شھدادڪوٽ ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. قاسمي ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 25 اوورن ۾ 198 رنز جو هدف ڏنو. آسر صديقي 59 رنز ٺاهي نمايان رھيو. عبدالحفيظ ڪرڪيٽ ڪلب شھدادڪوٽ جي ٽيم 14 اوورن ۾ صرف 80 رنز تي ڍير ٿي وئي. قاسمي ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچي طرفان سعيد حسن 3 ۽ عابد 2 وڪيٽون ورتيون. جڏهن ته مين آف دي ميچ آسر صديقي کي قرار ڏنو ويو.