اوٻاوڙو (ن پ ا ) اوٻاوڙو جي امير آباد ڪالوني جو رھواسي 80سال جي احمد بخش پٽ الله ڏنو سومرو پنهنجي گهر ۾ بندوق جو پاڻ مٿان فائر ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. عطا حسين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته منهنجو پيءُ جي گهڻي عرصي کان ڄنگهه ڀڳل ھئي، غربت جي ڪري ان جو علاج ڪنهن سٺي اسپتال مان نه ڪرائي سگهياسين، جنهن جي ڪري پنهنجي زندگي مان تنگ اچي پاڻ مٿان بندوڪ جو فائر ڪري خودڪشي ڪئي اٿس.