اولمپڪ ميڊلسٽ ڀارتي ريسلر سوشيل ڪمار قتل ڪيس ۾ گرفتار

0
368

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) اولمپڪ ميڊلسٽ ڀارتي ريسلر سوشيل ڪمار کي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سوشيل ڪمار تي اڳوڻي جونيئر نيشنل ريسلنگ چيمپئن ساگر ڌنڪر جي قتل جو الزام آهي. ڀارتي ميڊيا موجب سوشيل ڪمار خلاف 5 مئي تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ هو روپوش هو، ڪالهه پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪري سندس جسماني رمانڊ ورتو ويندو.