اوٻاوڙو ۾ آبادگارن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو

0
422

اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ۾ آبادگارن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران پاڻي کوٽ خلاف گڊو بئراج تي ڌرڻو هنيو ويو آهي، ڌرڻي ۾ آبادگارن ۽ ايس ٽي پي سميت مختلف تنظيمن جا اڳواڻ توڙي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته گڊو بئراج مان نڪريندڙ گهوٽڪي فيڊر ۾ 12 هزار بدران 23 سئو ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي، اڳواڻن چيو آهي ته پاڻي نه هجڻ ڪري ڏھرڪي، اوٻاوڙو، ميرپورماٿيلو سميت ضلعي جي سڀني واهن ۽ شاخن ۾ واري اڏامي رهي آهي ۽ هزاري ايڪڙ زمين تباهه ٿي رهيون آهن.