انگلشن ڪپتان جاويد ميانداد جو ڀارت خلاف ٺاهيل رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

0
232

لنڊن(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جو روٽ پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر جاويد ميانداد جو ڀارت خلاف رڪارڊ رنز ٺاهڻ جو اعزاز کسي ورتو. جاويد ميانداد 39 اننگز ۾ 6 سينچريز جي مدد  سان ڀارت خلاف 2 هزار 228 رنز ٺاهيون هيون. انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جو روٽ جاويد ميانداد جو رڪارڊ 41هين  ٽيسٽ اننگز ۾ ٽوڙيو. جوروٽ ڀارت خلاف ست سينچريز جي مدد سان 2 هزار 230 رنز ٺاهيون. ٽيسٽ فارميٽ ۾ ڀارت خلاف سڀ کان وڌيڪ رنز جواعزاز اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ جي نانءُ رهيو، هن2 هزار 555 رنز ٺاهي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي هئي. ٻئي نمبر تي انگلينڊ جو اڳوڻو ڪپتان اليسٽر ڪڪ آهي، جنهن 54 اننگز ۾ 2 هزار 431 رنز ٺاهيون، جنهن ۾ 7 سينچريز به شامل هيون.