انٽرويوز ۾ ڪيترن ئي معاملن تي ڪوڙ ڳالهايو آهي:ماهرا خان جو انڪشاف

0
326
ماهرا خان جلد ٽي وي ڊرامي ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي
ماهرا خان جلد ٽي وي ڊرامي ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان فلم ۽ ڊراما اندسٽري جو خوبصورت اداڪارا ماهرا خان انڪشاف ڪيو آهي ته هن انٽرويوز ۾ ڪيترن ئي معاملن تي ڪوڙ ڳالهايو آهي. ماهرا خان اهڙو انڪشاف پنهنجي مداحن سان ڪيو. اداڪارا پنهنجي ڊرامي هم سفر کي 10 سال مڪمل ٿيڻ بعد ٽويٽر تي مداحن سان سوالن جوابن جي نشست رکي ان مواقعي تي مداحن اداڪارا جي ڊرامي هم سفر کي بهترين ڊرامو ۽ سندس ڪردار کي شاندار قرار ڏئي زبردست ساراهه ڪئي جڏهن ته اداڪارا سندن سوالن جا پڻ جواب ڏنا ماهرا خان چيو ته ڪوڙ ڳالهائڻ پسند ناهي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ذاتي معاملن تي ڪوڙ ڳالهائڻو پئجي ويندو آهي. هن چيو ته هو پنهنجي ڪيريئر کان مطمئن آهي ڇاڪاڻ ته هن نه رڳو لطف ماڻيو آهي پر مداحن جون محبتون پڻ ماڻيون آهن.