انقره (م ڊ) ترڪي ۾ 3 ملڪي افغان امن عمل ڪانفرنس، پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان مسئلي جو ڪوبه فوجي حل ناهي، واحد حل وسيع ۽ گڏيل ڳالهيون آهن، عالمي ۽ بين الصوبائي افغان ڳالهين جي صورت ۾ افغانين وٽ هڪ سونهري موقعو آهي، انهن کي گهرجي ته سڀ گڏجي ڳالهين کي نتيجو ڏيندڙ بڻائن. ترڪي ۾ ٽه ملڪي ڪانفرنس ۾ پاڪستان، ترڪي ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي، افغان امن عمل ۾ اڳڀرائي ۽ افغانستان مان ٻاهرين فوجن جي نيڪالي کانپوءِ واري صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. افغان امن عمل ڪانفرنس ۾ شرڪت بعد پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي تڪ هم منصب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته افغانستان ۾ بدامني جي سڀ کان ڳري قيمت افغانين کانپوءِ پاڪستانين ادا ڪئي آهي.