برسلز (م ڊ) يورپي يونين افغانستان ۾ طالبان  سان ڳالهين کي واحد آپشن قرار ڏئي ڇڏيو آهي، يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بورل چيو آهي ته افغانستان ۾ طالبان سان ڳالهين کانسواءِ يورپ وٽ ڪوبه آپشن نه آهي. هن چيو ته ڪابل ۾ سفارتي موجودگي لاءِ برسلز  کي يورپي حڪومتن سان تعاون گهربل آهي. يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه چيو ته افغانستان ۾ بحران اڃا ختم نه ٿيو آهي، هاڻ اسان وٽ ڪنهن به واقعي تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ موقعو نه آهي، طالبان سان ڳالهين کانسواءِ اسان وٽ ڪو آپريشن ناهي پر اسان انساني حقن جي اهميت تي زور ڀرينداسين، هن چيو ته ٿي سگهي ٿو ته موجوده صورتحال ۾ انساني حقن جي حوالي سان ڳالهائڻ مڪمل طور عجيب هجي پر اسان کي ان جو مطالبو ڪرڻ گهرجي.