واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته افغانستان ۾ طالبان حڪومت کي ان وقت تائين نه مڃيو وڃي، جيستائين عورتن کي حق نه ٿا ڏين ۽ افغانستان مان نڪرڻ جي خواهشمند کي وڃڻ جي اجازت نه ٿا ڏين، جائزو وٺنداسين ته آمريڪا افغانستان ۾ ڇا ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پاڪستان مان ڪهڙيون اميدون رکي سگهجن ٿيون. آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن افغانستان مان آمريڪي نيڪالي کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪانگريس ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏنا آهن. آمريڪي ايوان جي نمائندن جي پرڏيهي معاملن واري ڪاميٽي کي بلنڪن ٻڌايو ته آمريڪا چاهي ٿو ته پاڪستان ان وقت تائين طالبان جي حڪومت نه قبول ڪري، جيستائين اهي افغانستان جي سرزمين کي دهشتگردن جي آماجگاهه بڻجڻ واري واعدي جي پاسداري نٿا ڪن. آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جو افغانستان ۾ ڪردار رهيو آهي، پاڪستان آمريڪا سان سهڪار به ڪيو ۽ اسان جي مفادن جي خلاف به رهيو، آمريڪا جو مستقبل ۾ پاڪستان سان لاڳاپن جو بنياد ڪهڙو هجڻ گهرجي؟ ان جو جائزو ايندڙ هفتن ۾ ورتو ويندو. انٽوني بلنڪن چيو ته افغانستان ۾ آمريڪي هدف حاصل ڪيا ويا هئا، وقت اچي ويو هو ته آمريڪا جي ڊگهي جنگ جو خاتمو ڪيو وڃي، طالبان سان معاهدو اسان کي اڳوڻي انتظاميا کان مليو، معاهدي تحت افغان حڪومت تي زور ڏنو ويو ته اهي پنج هزار قيدين کي آزاد ڪري، معاهدي تي عمل نه ڪريون ها ته آمريڪي فوج تي حملن جا خدشا هئا. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ آمريڪا جو وڌيڪ نقصان ٿيڻ جو خطرو هو، افغانستان ۾ وڌيڪ وقت گذارڻ سان جنگ جي خاتمي جي ڪابه ڪارنٽي نه هئي، آمريڪي شهرين جي سيڪيورٽي اسان جي ترجيح رهي آهي، مارچ کان آگسٽ تائين 19 پيغام ۽ ڌمڪيون جاري ڪيون ويون ته آمريڪي افغانستان مان نڪري وڃن. پرڏيهي وزير ٻڌايو ته مارچ 2020 کان خاص ويزا پروگرام ۾ هڪ به افغان شهري جو انٽرويو نه ورتو ويو، اسان خاص ويزا پروگرام کي وڌايو. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ سفارتي مشن شروع ڪيو ويو آهي، اسان افغانستان ۾ موجود آمريڪي ۽ افغان شهرين جي مدد ڪندا رهنداسين، جيڪي آمريڪي ۽ ٻيا شهري افغانستان مان نڪرڻ چاهين ٿا انهن کي ڪڍيو ويندو. بلنڪن چيو ته طالبان چيو آهي ته افغان سرزمين شدت پسندن کي استعمال نه ڪرڻ ڏني ويندي، طالبان چيو آهي ته القاعده ۽ داعش افغان سرزمين استعمال نه ڪنديون، اسان خطي ۾ دهشتگردي جي خلاف ڪردار ادا ڪندا رهندا سين. آمريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته هن سال انساني همدردي جي بنياد تي 33 ڪروڙ ڊالرن جي امداد افغانستان کي ڏني پئي وڃي. گذريل هفتي تائين 100 آمريڪي شهرين کي افغانستان ڇڏڻ جو پيغام موڪليو، 60 ماڻهن جي لاءِ جهاز ۾ جڳهه هئي پر ڳو 30 ئي ايئرپورٽ تي پهتا. هن ٻڌايو ته اشرف غني جي حڪومت کي اڳ ۾ ئي ٻڌايو هو ته افغانستان جو ڀرپور دفاع ڪيو، چين چاهي پيو ته اسان افغانستان ۾ ڦاٿل رهون، ڪابل ايئرپورٽ تي ڪم جاري رهي، ان معاملي تي ترڪي ۽ قطر سان رابطي ۾ آهيون. پاڪستان بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن جو جائزو وٺنداسين، گذريل 20 سالن ۽ ان کان اڳ به پاڪستان جو افغانستان ۾ ڪردار رهيو، افغانستان جي مستقبل بابت پاڪستان جو لڳاتار خاص رويو رهيو آهي. افغانستان لاءِ پاڪستان جا فيصلا ڊگهي نظر وارا هئا، پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سهڪار ڪيو، پاڪستان جا افغانستان ۾ مختلف مفاد آهن، جن مان ڪيترائي آمريڪي مفادن سان ٽڪراءَ ۾ آهن. آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا افغانستان ۾ بدترين صورتحال لاءِ منصوبابندي ڪري ڇڏي هئي، گذريل انتظاميه افغانستان بابت ڊيڊ لائين ٻڌائي هئي، ڪا منصوبابندي نه ڪئي هئي، بائيڊن انتظاميه جي ترجيح آمريڪي شهرين جي زندگي محفوظ بڻائڻ هئي، آمريڪي فوج جي موجودگي ۾ افغان فورسز ايتري جلد تباهه ٿي ويندي، ان جو امڪان نه هو، طالبان ڪابل طرف تيز مارچ ڪري معاهدو ٽوڙيو.