واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير ڊاڪٽر اسد مجيد خان چيو  آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا افغانستان بابت هڪجهڙو موقف رکن ٿا، ٻئي ملڪ افغانستان ۾ امن چاهين ٿا. پاڪستاني سفير آمريڪي اخبار کي انٽرويو ۾ چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ماضي مان سبق سکيو وڃي، منهنجي نائين اليون جي متاثرن ۽ انهن جي وارثن سان همدردي آهي، پاڪستان به دهشتگردي خلاف جنگ ۾وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. پاڪستاني سفير چيو آهي ته حقيقتن مان خبر پئي ٿي ته افغانستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، افغانستان ۾ هڪ حڪومت موجود آهي، عالمي برادري چاهي ته ان سان ڳالهه ٻولهه ڪري يا ان کي اڪيلو ڇڏي ڏئي، اسان طالبان حڪومت کي هن وقت تائين قبول ناهي ڪيو، اسان اهو ڏسڻ چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ نئين حڪومت عالمي برادري جي اميدن تي ڪيتري حد تائين پوري لهي ٿي.