اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ افغان سفير جي ڌيءُ سان پيش آيل واقعي جي جاچ مڪمل، حڪومت جاچ بعد ناري جي اغوا واري تاثر کي رد ڪري ڇڏي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اسان جي جاچ موجب افغان سفير جي ڌيءُ اغوا نه ٿي هئي، سمورا ٽيڪسي ڊرائيورز بيگناهه آهن، راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن وڌيڪ چيو ته افغان سفير جي ڌيءُ جو معاملو اغوا ناهي پر پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي سازش آهي، افغان سفير جي ڌيءُ جي ڪيس ۾ چئني ٽيڪسي ڊرائيورن جي مالڪن تائين پهچي وياسين، انهن جو ڪو به ڏوهاري رڪارڊ ناهي نه ڪئي ڪنهن ٽيڪسي ۾ ڪو ٻيو ماڻهو هو، هي اغوا جو ڪيس نٿو ٺهي، اغوا نه پر پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي سازش آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان افغان سفير جي ڌيءُ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو آهي افغان سفير کي هتي هجڻ ضروري آهي ۽ چاهيون ٿا ته افغان سفير پاڻ به جاچ جو حصو ٿئي. هن چيو ته جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڪنهن ٽيڪسي ۾ ڪو ٻيو ماڻهو نه ويٺو نه ئي ڪو جهيڙو ٿيو، اسلام آباد ۽ راولپنڊي جون 700 کان وڌيڪ ڪلاڪن جون فوٽيجز ڏٺيون آهن، 200 کان وڌيڪ ٽيڪسين جي جاچ پڙتال ڪرڻ بعد ان چار ٽيڪسين ۽ مالڪن تائين پهتاسين، ڪنهن به ٽيڪسي ڊرائيور اها تصديق ناهي ڪئي ته ٽيڪسي ۾ جهيڙو يا بدتميزي ٿي، افسوس ايترين ڪوششن باوجود افغان سفير جي ڌيءُ هتان هلي وئي، هي ڪيس اسان ڪيو آهي ۽ رياست پاڪستان ڪيس وڙهندي، ڪيس تان پوئتي نه هٽنداسين، هن چيو ته افغان سفير جي ڌيءُ جرمني مان سائبر ڪرائيم پڙهي آهي، هن اسان کي موبائل فون ڊيٽا ڊليٽ ڪرڻ بعد ڏنو. هن چيو ته هڪ واقعي جي بنياد تي افغان سفير کي واپس نه وڃڻ گهرجي ها، شيخ رشيد چيو ته داسو ڊيم واقعي جي به جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي، چيني اسان مان مطمئن آهن، پاڪستان خلاف هائيبرڊ وار شروع ٿي چڪي آهي، ملڪ کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ويندي.