اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ واپار پاڪستاني رپئي ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ناڻي جي وفاقي وزير شوڪت ترين هڪ سال اندر ملڪ ۾ گيهه جي قيمتن ۾  90 سيڪرو اضافو ٿيڻ، دالين جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو واڌ ٿيڻ جو اعتراف چيو آهي ته ڊالر جو ريٽ هن وقت جتي آهي ڊالر کي ان حد تي آڻڻ جو هدف هو، سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جَي اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته افغانستان ۾ ڊالرز جي کوٽ سبب واپار پاڪستاني رُپئي ۾ ٿيندو، آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ افغانستان جا 9 ارب ڊالرز روڪي ڇڏيا آهن، هن چيو ته افغانستان ۾ مختلف معاملا هلائڻ لاءِ پاڪستان مان به ماڻهو موڪلي سگهون ٿا. هن چيو ته معيشت ترقي ڪري رهي آهي، واپاري خسارو 4 ارب ڊالر ٻڌايو ويو آهي. اجلاس ۾ ناڻي وزير ايف بي آر جو سستم 7 ڏينهن تائين هيڪ ٿيڻ جو به انڪشاف ڪيو، هن چيو ته ڀارتي هيڪرز پاران ايف بي آر جو سسٽم هيڪ ڪيو ويو هو، ايف بي آر ۾ سسٽم کي اپگريڊ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته جيڪب آباد ۾ بصر پوکيندڙ آبادگارن کي ڪلو جا 4 رپيا ملن ٿا ۽ هتي بصر خريد ڪندڙن کي 30 رپيا ادا ڪرڻا پون ٿا، مڊل مين مهانگائي جو سبب آهن،  هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ ڪامياب پاڪستان پروگرام خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ شروع ڪيو ويندو، سڄي پاڪستان ۾ شروع ڪرڻ ممڪن ناهي. ڪاميٽي چيئرمين ناڻي وزير شوڪت ترين سان مخاطب ٿيندي چيو ته جڏهن توهان ناڻي وزير ٿيا هئا ته ڊالر 153 رپين جو هو، هاڻي ڊالر 169 رپيا ٿي ويو آهي،  جنهن جو جواب ڏيندي ناڻي وزير شوڪت ترين چيو ته ايڪسچينج ريٽ هن وقت جتي موجود آهي ان جڳهه تي ان جي هجڻ جو هدف مقرر هو، 2018ع ۽ 2019ع ۾ به رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ڪئي وئي، جنهن جو به اثر پيو، هن وقت مهانگائي جي سطح 8.4 سيڪڙو ۽ فوڊ انفليشن ساڍا 10 سيڪڙو تي آهي.