اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ايندڙ عام چونڊون ڪرائڻ ۽ چونڊن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ وارن بلن تي ووٽنگ لاءِ سينيٽ جي پارلياماني  ڪاميٽي جو اجلاس اڄ جمعي ڏينهن ٿيندوتفصيل موجب اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي چونڊون ڪرائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ وارن بلن جي منظوري لاءِ سينيٽ جي پارلياماني مامرن بابت ڪاميٽي جو اجلاس اڄ جمعي ڏينهن ٿيندو، اجلاس ۾ بلن جي منطوري تي ووٽنگ ٿيندي، ذريعن مطابق انهن بلن کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪرائڻ لاءِ حڪمران جماعت  حڪومتي ميمبرن کي هر صورت ۾ حاضري يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي، حڪومتي ميمبرن جي مڪمل طور تي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ سان حڪومت هڪ ووٽ جي اڪثريت سان ڄاڻايل ٻئي بل منظور ڪرائي سگهي ٿي.ڪاميٽي جي اجلاس کان ڪجهه ڏينهن پهريان سينيٽ چيئرمين حڪومتي ڌر مان هڪ وڌيڪ ميمبر کي مقرر ڪيو هو، جنهن کان پوءِ حڪومتي ميمبرن جو تعداد 7 ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن جو به تعداد 7 ٿي ويو هو، مخالف ڌر جي 7 ميمبرن ۾ ڪاميٽي چيئرمين تاج حيدر به شامل آهي، رولز مطابق ڪاميٽي چيئرمين ڪنهن به بل تي ووٽ برابر ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجو ووٽ ڏيڻ جو اختيار رکي ٿو. هوڏانهن پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پارلياماني مامرن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار بابر اعواڻ چيو آهي ته اها غلط فهمي ختم ڪري ڇڏيو ته حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي چونڊ ڪرائڻ يا سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ واري فيصلي کان پوئتي هٽندي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته هو قانون مطابق چونڊون ڪرائي، قانون سازي ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي، قانون منظور ٿيڻ بعد اليڪشن ڪميشن جا اعتراض ختم ٿي ويندا، هن چيو ته ڪير اهو چوي ته اليڪٽرانڪ مشين ۾ ڪو ايلفي وجهي ڇڏيندو ته اها کل جهڙي ڳالهه آهي هوڏانهن ذريعن موجب حڪومت پاران پيش ڪيل انهن ٻنهي بلن  ۾ تجويز ڪيل 19 ترميمن کي حڪومت واپس وٺڻ تي راضي ٿي وئي آهي، جڏهن ته انهن بلن ۾ شامل 23 ترميمن سان مخالف ڌر جي پارٽين اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته آئين سان ٽڪراءَ ۾ ايندڙ 19 ترميمن تي اليڪشن ڪميشن به اعتراض واريا هئا، انهن ترميمن ۾ هڪ ترميم تڪبنديون آبادي بجاءِ ووٽرن جي بنياد تي ڪرڻ واري ترميم به شامل هئي، جڏهن ته مشين جي استعمال ۽ سمنڊپار پاڪستانين کي ووٽ جي حق تي حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ اختلاف برقرار آهن.