رحيم يار خان (م ڊ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نواز ليگ کي نالو وٺڻ بنا تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ووٽ جو استعمال ڪريو يا استعيفا ڏيو، ٻٽي پاليسي نه هلندي، اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪريو يا حڪومت جا سهولتڪار هجڻ جو  اعلان ڪريو. رحيم يار خان ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان عوامي حڪومت لاءِ سڪي ويو آهي، هاڻ پيپلزپارٽي وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومت ٺاهيندي. بلاول ڀٽو عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته سليڪٽڊ هڪ به واعدو پورو نه ڪيو، عمران خان جو هر هڪ واعدو ڪوڙو نڪتو، 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ ۽ 50 لک گهر ٺاهڻ جو واعدو ڪوڙو نڪتو. پ پ چيئرمين نواز ليگ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته ووٽ جي عزت جي ڳالهه ٿئي ۽ ووٽ جي استعمال وقت ڀڄي وڃو، ٻٽي پاليسي نه هلندي، يا اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪيو يا اعلان ڪيو ته توهان حڪومت جا سهولتڪار آهيو، ايئن نه ٿو ٿئي سگهي ته ووٽ جي عزت جي به ڳالهه ٿئي ۽ ضمني اليڪشن ۾ بائڪاٽ جي به ڳالهه ڪريو، اهو نه ٿو ٿئي سگهي ته ووٽ کي عزت ڏيڻ جي ڳالهه ڪريو ۽ سينيٽ اليڪشن آئي ته بائڪاٽ جي ڳالهه ڪريو، اسان چئون ٿا ته ووٽ استعمال ڪيو، بوزدار کي ڀڄايو، عمران کي گهر موڪليو. لانگ مارچ ڪيو يا وري چئو ته حڪومت جا سهولتڪار آهيو، پنجاب جو عوام منافقت جي سياست کي تسليم نه ڪندو، هاڻ توهان کي ڪجهه ڪرڻو پوندو نه ته پنجاب جو عوام ڄاڻي ويندو ته اها منافقت آهي، جيڪڏهن توهان تيار نه ٿيئو ته عوام توهان کي معاف نه ڪندو، جيڪڏهن توهان ووٽ کي عزت جي ڳالهه ڪريو ٿا ته بوزدار کي چيلنج ڪريو، اسان سان گڏجي مقابلو ڪريو، بوزدار ڀڄي ويندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن اسان توهان سان گڏ هئاسين ته توهان چيو استعيفا بنا ڪم نه هلندو، هاڻ توهان لاءِ چيلنج آهي ته اسان سان گڏجي پنهنجو ووٽ استعمال ڪيو، جيڪڏهن اسان جي نٿا ٻڌو ته پنهنجي ئي استعيفائن واري ڳالهه ۽ پنهنجي دعويٰ تي عمل ڪيو، توهان کي ٻنهي مان هڪ ڪم ڪرڻو آهي، ووٽ استعمال ڪيو يا استعيفيٰ ڏيو. مفاهمت نه مزاحمت، پوءِ ته اها منافقت آهي. پهريان اسان اوهان کي ويهي سمجهايو. هاڻ اسان اوهان کي مجبور ڪنداسين ته اوهان اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندي عثمان بزدار کي ڀڄايو، عمران خان پاڻ ئي هليو ويندو.