افغانستان مان ايندڙ پرڏيهين کي في الحال اسلام آباد ايئررپوٽ تي سهولتون ڏنيون وينديون:شيخ رشيد

0
207

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته امريڪا، جرمني ۽ برطانيا سوڌو ٻين ملڪن جي سفارتي عملي کي ويزا ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، افغانستان مان ايندڙ پرڏيهين کي في الحال اسلام آباد ايئررپوٽ تي سهولتون ڏنيون وينديون، افغانين جا دستاويز ٺيڪ هوندا ته ويزا جاري ڪنداسين، ڪنهن به ملڪ جي شهري کي 21 ڏينهن لاءِ ويزا ڏني ويندي..