ممبئي (شوبز نيوز) سنگهم ۽ وانٽڊ جهڙين شاهڪار فلمن ۾ ولين جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار پرڪاش راج پنهنجي گهرواري پوني ورما سان ٻي شادي ڪري ڇڏي آهي. شادي جي تقريبن ۾ سندس ٻارن به شرڪت ڪئي. ياد رهي ته پرڪاش راج ۽ پوني ورما جي شادي 11 سال اڳ ٿي هئي، رشتي کي 11 سال پورا ٿيڻ تي ادڪار انوکي انداز ۾ جشن ملهايو. پرڪاش ان جي تصوير شيئر ڪندي چيو ته مون پنهنجي گهرواري پوني ورما سان هڪ ڀيرو وري شادي ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته اها منهنجي پٽ جي خواهش هئي، تصويرن ۾ پرڪاش ۽ پوني ٻارن سان گڏ نظر اچن ٿا. پوني ڪوريو گرافي ڪندي هئي ۽ سندن ملاقات فلم جي سيٽ تي ٿي هئي. پرڪاش پهرين گهرواري للتا ڪماري کان 2009ع ۾ ڌار ٿي ويو هو.