حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات چيو آهي ته حيدرآباد ڊويزن جي فوٽوگرافرن ۾ فوٽوگرافي جي مقابلي لاءِ ضلعن جي تاريخي هنڌن، سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن جي عمارتن جون تصويرون ٺاهي مقابلي ۾ شرڪت لاءِ موڪلي رهيا آهن. سوائي خان ڇلگري پڌرائي ۾ سمورن اطلاعات آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجن ضلعن ۾ ضلعي اطلاعات آفيس جي زير تعمير عمارتن جي ڪم جي پيش رفت بابت ماهوار رپورٽ پيش ڪن. گڏوگڏ ورڪس ايند سروسز جي لاڳاپيل عملدارن سان پڻ گڏجاڻيون ڪيون وڃن ته جيئن زير تعمير عمارتن جي وقت سر تعميرات کي مڪمل ڪري سگهجي.