حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڊائريڪٽر انفارميشن حيدرآباد سوائي خان ڇلگري چيو آهي ته سنڌ جي اطلاعات کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي ڪوششن سان اطلاعات کاتي حيدرآباد کي نئين بلڊنگ ملي آهي جنهن ۾ مختلف شعبا قائم ڪيا ويا آهن. وزير اطلاعات ناصر شاهه سنڌ جي صحافين جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ ڪم پيو ڪري. سنڌ جرنلسٽس پروٽيڪشن بل پاس ڪرايو ويو آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت پيپلز ميڊيا سپورٽ پروگرام به کڻي اچي پئي. پريس ڪلب جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڊائريڪٽر اطلاعات چيو ته حيدرآباد نه رڳو سنڌ پر پاڪستان جو وڏو پريس ڪلب آهي جتي حڪومتي عملدارن کان ويندي هر عام ماڻهو اچي ٿو. عوام جي مسئلن کي حيدرآباد پريس ڪلب اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته حيدرآباد جي صحافين سان پنهنجائپ وارو تعلق آهي. اسان جو ۽ صحافين جو هڪ ئي ڪم آهي. هڪٻئي سان هر قدم تي گڏ رهيا آهيون ۽ رهنداسين. ان موقعي تي پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري اقبال ملاح، عالمگير رانجهاڻي، شهزاد علي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.