سوڀوديرو (ن پ ا) سوڀوديرو کان اڳڙا روڊ پنج سال گذرڻ باوجود ٺھي نه سگھيو،ڳوٺ ٻنڊي موٽايو جي ڳوٺاڻن عبدالحميد کھڙو، مجتبي کھڙو، منصور کھڙو، عاشق شيخ احتجاج ڪندي چيو ته ڳوٺاڻن روڊ نه ٺاهڻ خلاف ٺيڪيدار تي هاءِ ڪورٽ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪئي جنھن تي ڪورٽ سڳوري ٺيڪيدار کي پابند ڪيو ته سوڀوديرو اڳڙا روڊ جو ڪم جلد مڪمل ڪرايو وڃي. هنن چيو ته ڪرپٽ ٺيڪيدار ڪورٽ سڳوري جي حڪم تي روڊ جو ڪم شروع ڪيو پر صرف ھڪ ڪلوميٽر روڊ ٺاھي چوري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي چوري مشينري کڻي رهيو هيو پر جيسيتائين روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿيندو مشينري کڻڻ نه ڏينداسون ۽ احتجاج جاري رکنداسون.