اشو آف دي ڊي نادرا جا 4 سنڌي آفيسر کنڀجڻ تي سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر

0
633

ڪراچي مان نادرا جا 4 سنڌي ڳالهائيندڙ آفيسر ڊپٽي ڊائريڪٽر شنڪر لالواڻي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر افروز چانڊيو، حماد ميمڻ ۽ اشفاق جمالي کنڀجي ويا جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ سعيد گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ‏ڪراچي مان نادرا جا سنڌي آفيسر ڪجهه ڏينهن اندر اوچتو کنڀجي ويا آهن، آفيسرن جو ڏوھ ڪهڙو آهي ڪو پتو ناهي، ڪا وڏي گيم ٿي لڳي، جنهن تي لياقت جهتيال ۽ عبدالحميد لکيو ته ڪو ته ڏوهه ڪيو هوندن، عبد سنڌي لکيو ته ڪا چال آهي، دريا خان لکيو ته غلام علي ٻٻر انچارج نادرا ڪراچي به گم آهي. نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نادرا جا نوجوان سنڌي آفيسر گم ڪيا ويا آهن. جن ۾ حماد ميمڻ، اشفاق جمالي، افروز شابراڻي ۽ گوري شنڪر لالواڻي شامل آهن. سندن ڏوهه ڪهڙو آهي، ڪنهن کي ڪا خبر ناهي. سندن مائٽن ۾ بيچيني پکڙيل آهي. جنهن تي رحمان بليدي لکيو ته فڪر نه ڪريو اهي جنهن اداري ۾ آهن اهي ئي واپس به ڪرائيندا، چيتن ڪمار لکيو ته هنن کي کنڀي کڻي وڃڻ جو مقصد هڪ ئي ٿي سگهي ٿو فقط افغانين جا ڪارڊ ٺهرائڻ، هنن جعلي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ کان منع ڪئي هوندن، افضل حاجاڻو لکيو ته سڀ سنڌي آهن اها سوچڻ جي ڳالهه آهي، رجب مڱڻيجو لکيو ته آفيسرن کي آزاد ڪيو وڃي. عبدالستار گوپانگ لکيو ته پهريان آءِ جي پوليس اغوا ٿي ويو هاڻي ڪراچي مان نادرا جا 7 آفيسر کنڀجي ويا، هنن حڪم نه مڃيو هوندو.محمد سومر لکيو ته انهن کي سنڌي هجڻ ۽ ڪراچي ۾ نوڪري ڪرڻ، ڌارين کي ڪارڊ نه ٺاهي ڏيڻ جي سزا ملي آهي. غلام قادر اهير لکيو ته هي نوجوان سنڌي آفيسرن جي پراسرار گمشدگي جي مذمت ڪجي ٿي آفيسرن کي هڪدم ظاهر ڪيو وڃي. امتياز احمد لکيو ته هي اهي سنڌي آهن جن ڌارين جا ڪارڊ ٺاهڻ کان انڪار ڪيو هوندو.سجاد حسين لکيو ته ڪا سازش آهي يا ته انهن کي گم ڪري نادرا ۾ ڌارين جا ڌڙا ڌڙ ڪارڊ ٺاهيا ويندا. امير جان چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي ۾ ڌارين جا شناختي ڪارڊ نه ٺاهڻ جي ڏوھه ۾ ‏ڪراچي مان نادرا جا سنڌي آفيسر ڪجهه ڏينهن اندر اوچتو کنڀجي ويا آهن، آفيسرن جو ڏوھ ڪهڙو آهي ؟ شڪيل ڇڄڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچيءَ مان نادرا جا چار سنڌي آفيسر کنڀجي ويا. هنن کي گهڻي عرصي کان غير قانوني پرڏيهين کي قانون جي ابتڙ ڪارڊ نه ٺاهي ڏيڻ تان مسلسل ڌمڪايو پڻ ويندو هيو. هاڻ هنن کي کنڀيو ويو آهي. ارشاد سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته تازو نادرا ۾ ڪم ڪندڙ چار سنڌي آفيسر پنهنجي گهرن مان کڻي کنڀي گم ڪيا ويا آهن، جيڪي غير قانوني ملڪ ۾ آيل ماڻهن جا شناختي ڪارڊ ٺاهڻ ۾ سندن سهولت ڪار بڻجڻ جو انڪار ڪري رهيا هئا، کين سيکت ڏيڻ لاءِ کنڀيو ويو آهي، مڃئون ٿا نادرا مرڪز جو ادارو آهي، پر هي ملازم سنڌ جي شهر ڪراچيءَ مان غير قانوني طريقي سان کنڀي اغوا ڪيا ويا آهن، انڪري سنڌ حڪومت مٿان فرض عائد ٿئي ٿو ته هو سنڌي ماڻهن جي اهڙي نموني اغوا ڪندڙن سان مزاحمت ڪري. انيلا رفيق ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي مان کنڀيل نادرا جي سنڌي آفسيرن کي آزاد ڪري ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي. حميرا خان آفيسرن جي کنڀجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. آڪاش ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ واسيو ذاتي گروھي جھيڙا ڇڏيو ھن ڏکي مھل سنڌ جا ٻانھن ٻيلي ٿيو، سنڌي آفيسرن کي بنا دير جي بازياب ڪرايو وڃي، جنهن تي نوشاد احمد اڄڻ لکيو ته ان معاملي ۾ جلدبازي نه ڪجي، هڪ راءِ اها به آهي ته ڌارين کي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي ڏوهه ۾ گرفتاريون ٿيون آهن، آفيسرن کي ظاهر ڪيو وڃي. گل ميتلو لکيو ته ڪراچي مان کنڀيل آفيسرن کي آزاد ڪيو وڃي، نادرا کي وفاقي گهرو کاتي مان الڳ ڪري گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ڪنٽرول ۾ ڏنو وڃي. حريف خان چانڊيو به آفيسرن کي ظاهر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ذوالفقار قادري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي مان نادرا جي چئن سنڌي آفيسرن افروز شابراڻي،اشفاق جمالي،حماد ميمڻ ۽ شنڪر لالواڻي کي هڪ مهيني کان پراسرار طور کنڀي گم ڪيو ويو آھي کين فوري ظاهر ڪيو وڃي سندن مٽ مائٽ سخت پريشان آھن. لال محمد چانڊيو ۽ سرتاج چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نادرا کي گهرو کاتي کان الڳ ڪيو وڃي. خليل انصاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جڏهن سنڌ ۾ غيرقانوني غيرملڪين کي ڪوڙا ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ جاري ٿي رهيا آهن ۽ سنڌين ۾ سخت ڳڻتي آهي اهڙي ماحول ۾ نادرا مان سنڌي آفيسرن کي کڻي گم ڪرڻ، سنڌي ماڻهن جي خدشن کي وڌائي ڪنهن وڏي سازش کي ھٿي لڳي ٿي. دودو چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ‏ڪراچي مان نادرا جا 4 سنڌي آفيسر ڪجهه ڏينهن اندر اوچتو کنڀجي ويا آهن، آفيسرن جو ڏوھه ڪهڙو آهي ڪو پتو ناهي، ڪا وڏي گيم ٿي لڳي . ايوب کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هي ڇا پيو ٿئي، نادرا جا سنڌي آفيسر کنڀيا ويا آهن. سارنگ چانڊيو، شفيق چانڊيو، شبانه پيرزادا، ذوالفقار جمالي، عبدالرحمان، اياز رضوي ۽ ٻين پڻ آفيسرن جي کنڀجڻ جي مذمت ڪئي.